ڪاوش نازڪ - عورتن تي تشدد  - ليڊ آرٽيڪل

حسين مسرت شاهه

                جڏهن سماج ۾ اڃا سڪو ايجاد نه ٿيو هو ته انسان پنهنجي ضرورت جي مطابق هڪ ٻئي سان شين جي مٽا سٽا ڪندو هو، معاشيات جي ماهرن ان مٽا سٽا کي Barter System جو نالو ڏنو هو، ان وقت انسان پنهنجي شيءِ جي قدر کان اڻڄاڻ هو، هن وٽ پنهنجي شيءِ جي قيمت مقرر ڪرڻ جو ڪوبه پئمانو ڪونه هو، ان ڪري هو پنهنجي ضرورت آهر گهربل شيءِ ٻئي انسان کان مٽائي وٺندو هو، پوءِ جڏهن انسان کي پنهنجي ملڪيت ۽ مالڪيءَ تي فخر ٿيڻ لڳو هو نفعي ۽ نقصان جي سودي جي سڃاڻپ سکيو ته هو ان نتيجي تي پهتو ته ڪو پئمانو ڪا سڃاڻ هئڻ گهرجي، جنهن تحت هن جي شيءِ جو قدر ۽ ملهه ظاهر ٿئي. اها ڳالهه ذهن ۾ رکي هن سڪو ايجاد ڪيو ۽ پوءِ هر شيءِ پنهنجي قيمت تي خريد ۽ فروخت ٿيڻ لڳي. اسان جي سماج ۾ هڪ زندهه وجود رکندڙ شيءِ عورت آهي، جنهن جي قيمت اڃا تائين مقرر نه ٿي سگهي آهي يا ته هوءَ ايتري قدر قيمتي ۽ مقدس آهي جو ان جو ملهه مقرر ٿي نٿو سگهي يا ته وري ايتري ارزان آهي جو بي قيمت وڪامجي وڃي ٿي. اسان جي سماج ۾ عورت آهي، جيڪا خون بها جي طور تي به ڏني ٿي وڃي ته ڏوهه بخشرائڻ جي ڪم به اچي ٿي. ڪٿي مٽن مائٽن جا جهيڙا نبيريندي ”سڱ چٽيءَ“ جي طور تي ڏني ٿي وڃي، ڪڏهن ڪڏهن ته سندس دنيا ۾ اچڻ کان پهرين سندس نصيبن جو سودو ”پيٽ لکئي“ ڏيڻ جي رسم تحت به ڪيو ويندو آهي. انهن سڀني رسمن يا موقعن تحت عورت جي ڏي وٺ ۾ هن جي مرضي يا خوشيءَ جو ڪو دخل ڪونه هوندو آهي، هوءَ پنهنجي قدر ۽ ملهه کان بي خبر هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي منتقل ٿي ويندي آهي. فوزيه جي ڪهاڻي جو هر ڪردار ٻين جي ڪيل ڏوهن جي سزا ڪاٽي رهيو آهي ۽ انهن عورتن جي سزا هڪ نسل کان ٻئي نسل ۾ منتقل ٿي رهي آهي. فوزيه جي ماءُ رحمت جي شادي 13 سالن جي عمر ۾ 50 سالن جي پوڙهي سان ڪرائي وئي، رحمت کي چار ٻار ٿيا، ڪجهه وقت کانپوءِ آچر بيمار رهڻ لڳو ۽ دڪان هلائڻ جي ذميواري سندس دوست دينو کي ڏيئي ڇڏيائين. دينو سندس گهر جي ڪفالت ڪرڻ لڳو ۽ گهر ۾ اچڻ وڃڻ شروع ڪيائين. دينوءَ جي گهر ۾ اچ وڃ کي رحمت جي ڏيرن ناپسند ڪيو ۽ اعتراض ڪيائون، اهو اعتراض ڏيرن مان نڪري اولاد تائين پهتو ته رحمت مجبور ٿي سندس ڌيءَ فوزيه جو نڪاح دينوءَ سان ڪرائي ڇڏيو. هن اها ساڳي غلطي ڪئي جيڪا سندس مائٽن ڪئي هئي، هن به پنهنجي ڌيءَ جي شادي سندس کان وڏي عمر جي مرد سان ڪرائي ڇڏي. فوزيه جي چاچن کي جڏهن خبر پئي ته هنن فوزيه کي اغوا ڪرايو ۽ رحمت کي آچر ۽ ٻين ٻارن سميت باندي بڻائي هڪ بااثر شخصيت وٽ پهچايو ويو. رحمت جي هڪ ڌيءَ جي شادي برادريءَ ۾ ڪرائي وئي ۽ فوزيه جو نڪاح به ٻي جاءِ تي زبردستي ڪرايو ويو. رحمت جي ڀائرن ۽ ڏيرن جي مرضي هئي ته رحمت کي ڪاري ڪري ماريو وڃي ۽ آچر کي به ماريو وڃي پر ان بااثر شخصيت انهن کي آزاد ڪرائي ڇڏيو. شايد اسان جي سماج ۾ عورت ايتري قيمتي ۽ طاقتور آهي جو وڏي ۾ وڏو ڏوهه به سندس قيمت تي معاف ٿي ٿو وڃي، عورت کي سندس قيمتي هئڻ جي سزا خبر نه آهي ته اها ڪيتريون صديون ڀوڳڻي پوندي؟