|

ڊاڪٽر شاهده
پروين
عورت ۽ مرد کي گاڏيءَ جا ٻه ڦيٿا ڪوٺيو وڃي ٿو.
جيڪڏهن هڪ ڦيٿو به ڪمزور ٿي وڃي
ٿو ته گاڏي يا ته آهستي هلي ٿي يا بيهي وڃي ٿي، قدرت عورت ۽
مرد جي ذميوارين کي ورهايو آهي جتي مرد جي مٿان معاشي وزن آهي
جيئن ته هو ڪمائي کڻي اچي ۽ ٻاهر جي ذميواري پوري ڪري ۽ عورت
کي قدرت اها ذميواري ڏني آهي ته هوءَ گهر جي اندر رهي پنهنجي
مڙس ۽ ٻارن جون ذميواريون پوريون ڪري پر ڇا هن وقت هي ممڪن آهي
ته صرف گهر جو مرد ڪمائي ۽ ٻيا ويهي کائي سگهن ؟ جڏهن ته
عورت ۽ مرد جي تناسب جي لحاظ کان به عورتون وڌيڪ آهن. ايتري
معاشي دٻاءُ جي ڪري نه صرف ترقي پذير ملڪ پر ترقي يافته ملڪن
۾ به هڪ مرد جي ڪمائڻ سان زندگيءَ جون بنيادي ضرورتون پوريون
نٿيون ٿي سگهن. هڪ وقت هو ته هڪ ڪمائيندڙ هو ته ڏهه ڄڻا گهر ۾
ويهي آرام سان کائي سگهندا هئا پر هن وقت ڇا اهو ممڪن آهي ؟
جواب نه آهي ! ڇو ته هڪ ته مهانگائي، ٻيو ته اسان جا قدر
بدلجي ويا آهن تنهنڪري مجبورن عورتون ۽ مرد گڏ جي ڪم ڪن ته
وڃي ڪري زندگي جو گاڏو هلي ٿو، سوال اهو آهي ته جيڪڏهن هڪ
عورت گهر کان ٻاهر معاشي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ نڪري ٿي ته
ان کي معاشرو ڪهڙي نظر سان ڏسي ٿو. جيڪڏهن ڪا عورت ٻاهر نڪري
ٿي ته ان کي خراب سمجهيو وڃي ٿو ۽ گهر اندر ويٺل عورت شريف
آهي ڇا اسان جو معاشرو عورت کي اها عزت ڏيئي ٿو، جنهن جي اها
حقدارآهي؟ اڄڪلهه جي ماحول ۾ هڪ عورت کي پنهنجو پاڻ کي بچائڻ
ڪيترو مشڪل ٿي ويو آهي حالانڪه هن ملڪ جي ترقي لاءِ عورت تي
به ايتري ذميواري آهي جيتري مرد تي. اگر رستن تان ڪا عورت
لنگهي ٿي ته اتي بيٺل مرد هر قسم جي فحش فقري بازي ڪري ٿو اگر
ڪنهن آفيس ۾ مرد سان گڏ ڪم ڪري ٿي ته ڀر ۾ ٻيا ويٺل مرد غلط
نتيجو اخذ ڪن ٿا. ۽ جيئن اها ٻاهر وڃي ٿي ان جي مٿان پاڻ ۾
مشڪري شروع ڪري ڏين ٿا ڇا اهو رويو مناسب آهي اهي ئي مرد ٻئي
جي ماءُ، ڀيڻ ۽ ڌيءَ کي جيڪي انهن سان گڏ ڪم ڪن ٿيون انهن کي
Comments ڏيئي اچن ٿا ۽ پوءِ ڇا اهو نٿا سوچين ته سندن گهرن
جون عورتون به ٻاهر نڪري ساڳي صورتحال کان گذري سگهن ٿيون.
ٻاهر نڪرڻ واري عورت بري نه آهي عورت عزت جي لائق آهي ماءَ جي
حيثيت سان ان جي پيرن هيٺيان جنت آهي، ڌيءَ جي حيثيت ۾ رحمت
آهي ڀيڻ جي حيثيت سان نعمت آهي هڪ ڊاڪٽر جي حيثيت سان مسيحا
آهي، ٻاهر نڪرڻ واري عورت کي هڪ ئي نظر سان ڇو ٿو ڏٺو وڃي.
ليڊي هيلٿ ورڪرز کي ئي ڏسو جيڪي گهر گهر وڃي ماڻهن جي خدمت ڪن
ٿيون خاص طور تي پوليو مهم دوران مون کي خبر آهي ته انهن تي
ڪهڙا Comments ڏنا ٿا وڃن. هن ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ
عورت ۽ مرد ٻنهي کي ڪم ڪرڻو آهي. ان کي اها ئي عزت ڏيڻي پوندي،
اها ايتري عزت جي حقدار آهي جيڪا هڪ گهر اندر ويٺل عورت کي ملي
ٿي حالانڪه ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته عورت جنهن کي صنف نازڪ چيو
وڃي ٿو اها هڪ مرد کان وڌيڪ مضبوط آهي. جڏهن ٻاهر جي ذميواري
پوري ڪري اچي ٿي ته بجاءِ هڪ مرد وانگر جنهن کي هر شيءَ کٽ تي
ملي ٿي هو اچي گهر ۽ ٻاهر سنڀالي ٿي. ڇا اڄ جو مرد صرف عورت کي
ڏسي ان لاءِ آسانيءَ سان لنگهڻ جو رستو ڇڏي ٿو؟ اچو ته عورت
کي ان جي صحيح مقام ۽ مرتبو ڏياريون جيئن هوءَ ملڪ ۽ قومي جي
ترقي لاءِ ڪم ڪري سگهي.
|