ڪاوش نازڪ - عورتن تي تشددد- ليڊ آرٽيڪل 2

نيلم شيخ

                ٻارن جي تربيت ۾ والدين ۽ ان جي استادن جو وڏو هٿ هوندو آهي، ٻار جي تربيت اوسيتائين صحيح نموني نه ٿي سگهي جيستائين ان کي والدين ۽ استادن طرفان پيار ۽ شفقت حاصل نه ٿئي، هونئن ته ماءُ پيءُ جي نظرن ۾ ان جو سڀ اولاد برابر آهي، پوءِ اهو ڇوڪرو هجي يا ڇوڪري پر توهان اهو ضرور محسوس ڪيو هوندو ته هر گهر ۾ هڪ دادلو ٻار ضرور هوندو آهي، جنهن جو والدين خاص خيال رکندا آهن ۽ هو ان جي هر ضد ۽ غلطي معاف ڪندا آهن، اهڙي ئي ريت اسان جيڪڏهن اسڪول جي ماحول تي نظر ڦيرائينداسين ته اتي به اهڙو ئي عمل ورجايو ويندو آهي، ٽيچرس خاص ڇوڪرين تي توجهه ڏينديون آهن ۽ ٻين شاگردن اڳيان انهن کي وڌيڪ همٿائينديون آهن، اهي ٻه اهڙا مسئلا آهن، جيڪي بظاهر ته اهميت نٿا رکن پر انهن جو اثر انهن ٻارن تي ضرور پوي ٿو، جيڪي اهڙي ڪيفيت جو شڪار هوندا آهن، ان جي ڪري انهن جي ذهني ڪيفيت ۽ حالتون انهن کي منفي انداز سوچڻ تي مجبور ڪن ٿيون، والدين ۽ ٽيچرس جي اهڙي رويي بابت ”نازڪ“ پاران ڪجهه اهڙن ٻارن کان راءِ ورتي وئي جيڪي پاڻ ان ذهني مسئلي جو شڪار آهن. والدين ۽ ٽيچرس جي انهي لاپرواهي جي ڪري اهڙن ٻارن ۾ خود اعتمادي پيدا نه ٿي ٿئي ۽ ان ٻار ۾ منفي اثر  ۽ حسد وارو رويو وڌيڪ پيدا ٿئي ٿو، جيڪو انهن جي شخصيت تي برو اثر ڇڏي ٿو. پنجين ڪلاس جي شاگردياڻي معصومه ٻڌائي ٿي ته مون کي هڪڙو ڀاءُ ۽ هڪڙي ڀيڻ آهي، منهنجي ننڍي ڀيڻ کي ئي منهنجي امي ۽ بابا گهڻو ڀائيندا آهن ۽ ان کي سڀ شيون ملنديون آهن، ان ڪري جو هو اسان کان وڌيڪ هوشيار آهي ۽ هن کي انگلش ڳالهائڻ گهڻي ٿي اچي. هو ٻڌائي ٿي ته مان امي کي چوندي آهيان ته امي مون کي به اهڙيون شيون وٺي ڏيو پر امي چوندي آهي ته هوءَ هوشيار آهي، هن کي انگلش ٿي اچي ان ڪري ۽ مون کي انگلش ايتري ڳالهائڻ نه ٿي اچي، امي مون کي ايتريون شيون ڪونه وٺي ڏيندي آهي، بابا جو جڏهن موڊ ٿيو ته هو وٺي ڏيندو آهي، منهنجي ڀاءُ کي گهڻا دڙڪا ملندا آهن، آئون پنهنجي ڀيڻ کي چوندي آهيان ته امي کي چئو مون کي به رانديڪا، شيون وٺي ڏئي پر هوءَ چوندي آهي ته اهو توهان جو پرابلم آهي، توهان پاڻ چئو. هو وڌيڪ ٻڌائي ٿي ته مان پنهنجون اهي ڳالهيون پنهنجي فرينڊ کي ٻڌائيندي آهيان ۽ هو چوندي آهي ته خير آهي امي ته امي آهي نه. آئون گهر ۾ لِڪي روئندي آهيان ته مون کي امي ايترو نٿي ڀانئي. دل ۾ به الله سائين کي چوندي آهيان ته ”مون کي امي ايترو ماري ڇو ٿي، منهنجو خيال ڇو نه ٿي رکي.“ اها ڳالهه چوڻ وقت هن معصوم معصومه جي اکين ۾ احساس ڪمتري جو احساس نظر پئي آيو ۽ ان تي هو پاڻ ئي پرجوش ٿي ٻڌائي رهي هئي ته رات جو الله سائين مون کي خواب ۾ چوندو آهي ته مان توسان گڏ آهيان. هو وڌيڪ ٻڌائي ٿي ته ڀيڻ مون کي چوندي آهي ته توهان مون کان ساڙ ٿا ڪريو، ڇو ته امان مون کي گهڻو ٿي ڀانئي. ٻارن جي ذهني نشونما جو وقت ئي انهن جي ٻالڪپڻ وارو دور هوندو آهي، جيڪڏهن ان تي صحيح ڌيان نه ڏبو ته هن ۾ منفي اثر جنم وٺندا. مئٽرڪ ڪلاس جي شاگردياڻي ڪنول به اهڙي ئي ذهني ڪيفيت ۾ مبتلا آهي، ڪنول ٻڌائي ٿي ته هن جا 5 ڀائر ۽ هڪڙي ڀيڻ آهي، منهنجا والدين منهنجي وڏي ڀيڻ کي گهڻو ڀائيندا آهن، هڪ ته هو سڪيلڌي آهي ۽ ٻيو ته هو خوبصورت به آهي، مون کي محسوس ٿيندو آهي ته مون کي گهٽ ٿا ڀانئين ۽ مان امي کي به چوندي آهيان ته امي مون تي توهان ايتري توجهه ڇو نه ٿا ڏيو، ته ان سوال جي جواب ۾ امي مسڪرائيندي چوندي آهي ته ”ساڙ ڇو ٿي ڪرين پنهنجي ڀيڻ سان“ منهنجي وڏي ڀيڻ جو منهنجي امي شاپنگ ڪرڻ وقت به خيال رکندي آهي. هن کي هر شيءِ وٺي ڏيندي آهي. مان پنهنجي اها ڳالهه فرينڊ سان شيئر ڪندي آهيان، مون کي پنهنجي ڀيڻ سان ساڙ به ٿيندو آهي، ڇو ته هو مون کان وڌيڪ خوبصورت آهي، آئون گهر وارن کان لِڪي لِڪي روئندي به آهيان، ڏک به ٿيندو آهي. ٻاهر گهمڻ ڦرڻ ۾ گهر وارا ٻنهي کي ترجيح ڏيندا آهن پر مان ٻاهر ايترو ڪونه ويندي آهيان.