~

ججن وارو معاملو ۽ پ پ-نواز ليگ اتحاد جي پڄاڻيءَ جو خطرو!

گوهر گهانگهرو

                ”وه هي هوا جس کا ڊر تها!“ هيءُ اهو پهريون جملو هو، جيڪو لنڊن ۾ نواز شريف ۽ آصف زرداري وچ ۾ ججن جي بحاليءَ بابت ڳالهيون ناڪام ٿيڻ بعد نواز ليگ اڳواڻ خواجه آصف لنڊن کان ملڪ ۾ موجود جاويد هاشمي کي فون تي ڳالهين بابت ڄاڻ ڏنيندي چيو هو. جيتوڻيڪ نواز شريف آصف علي زرداري سان لنڊن ۾ ڳالهيون ڪرڻ بعد ميڊيا آڏو آيو ته سندس گفتار کان اڳ ئي سندس چهري تي ججن جي بحاليءَ بابت هاڪار بجاءِ مايوسي ۽ هار واضح نظر اچي رهي هئي ۽ سندس روئڻهارڪي لهجي ۽ باڊي لينگويج مان پتو پئجي ويو ته ڳالهيون مڪمل ناڪام ٿي ويون آهن. آصف علي زرداري ججن جي بحاليءَ بابت ڳالهيون ناڪام ٿيڻ بعد ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين سان ملاقات دوران ڪافي حشاش بشاش نظر اچي رهيو هو. سوال اهو آهي ته پيپلز پارٽي ججن جي بحاليءَ کان ڇو ڪيٻائي رهي آهي؟

ڪجهه حلقن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي کي خوف آهي ته ڇا هٽايل چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري بحال ٿيڻ بعد ڪٿي اين آر او ختم ڪري ڇڏيندو؟ ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته جيڪڏهن ايئن ٿئي ٿو ته ان سان آصف علي زرداري جا ختم ٿيل ڪيس ٻيهر کلندا ۽ ان بعد هو چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي پوزيشن ۾ به شايد نه هوندو. جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ محترمه بينظير ڀٽو جي حياتي ۾ ئي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي بحاليءَ لاءِ وڪيل تحريڪ جي حمايت ڇو ڪئي وئي؟ 12 مئي تي پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن کي استقبال جي لاءِ رستن تي آندو ويو، جڏهن ته ق ليگ کي ڇڏي ڪري تقريبن سڀني پارٽين افتخار محمد چوڌري جي حمايت ڪئي ۽ عوام جو هڪ مائينڊ سيٽ ٺهيو. محترمه شهيد به ججز ڪالوني پهچي چيف جسٽس جي بحاليءَ جو مطالبو ڪيو. انهن ڳالهين عوام کي ذهني طور تي تيار ڪري ڇڏيو ته اليڪشن کان پوءِ جيڪڏهن پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ حڪومت ۾ آئي ته هٽايل جج ضرور بحال ٿيندا. هاڻي جيڪڏهن پيپلز پارٽي ان تان واپس ٿئي پئي ته ان سان پارٽيءَ کي سياسي ڌڪ رسندو. هاڻي پيپلز پارٽي اوچتو ڌڙام سان چيف جسٽس جي بحاليءَ کان هٿ ڪڍي وئي آهي. ڪجهه ماڻهو سوال ڪن ٿا ته پيپلز پارٽي جڏهن عوامي پارٽي هجڻ جي دعويٰ ڪري رهي آهي ته پوءِ ٻين ڪيترن ئي مطالبن سان گڏ اهو به عوام جو مطالبو آهي ته افتخار محمد چوڌريءَ سميت سمورا هٽايل جج بحال ٿين. جيڪڏهن پيپلز پارٽي کي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري بحال نه ڪرڻو هو ته پوءِ شروع کان وٺي اهڙو موقف رکي ها. اوچتو ججن جي بحاليءَ کان انڪار ڪرڻ سان عوامي سطح تي اهڙي عمل سبب پيپلز پارٽيءَ لاءِ خراب راءِ جڙڻ جا امڪان آهن، جڏهن ته ان جو ڪريڊٽ نواز ليگ ڏانهن وڃي رهيو آهي. جيڪڏهن هٽايل جج بحال نه ڪرڻا هئا ته پوءِ ڀوربن معاهدو ئي نه ٿيڻ گهرجي ها. اهو معاهدو ڪرڻ وقت به ته آصف علي زرداري کي هٽايل چيف جسٽس بابت سڀ معلوم هوندو، پوءِ هن هاڻي اهو ڪيئن چيو ته چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري انصاف ڪرڻ ۾ مناسب ناهي، ڇو ته هو 8 سال جيل ۾ رهيو ۽ ساڻس ڪو به انصاف نه ٿيو. زرداري صاحب جي راءِ پنهنجي جاءِ تي، پر 16 ڪروڙ عوام جي راءِ آهي ته هٽايل جج انصاف پسند آهن.

ججن جي معاملي تي نواز ليگ شروع کان وٺي صحيح پتا کيڏيا آهن ۽ اقتدار جي خواهش ظاهر ڪرڻ بجاءِ عوامي اشوز کي کنيو آهي. اقتداري  لاهن چاڙهن تي نظر رکندڙن جو خيال آهي ته پيپلز پارٽي الائي به ڇو صدر مشرف ۽ ايم ڪيو ايم سان اقتدار شيئر ڪرڻ ٿي چاهي، جڏهن ته نواز ليگ هاڻوڪي اقتدار کي اهميت ڏيڻ بدران مستقبل جي اقتدار لاءِ حڪمت عملي جوڙي رهي آهي. ججز جي معاملي تي عوام جيڪو صدر مشرف خلاف نعرا هڻندو رهيو، هاڻي شايد ان ۾ پ پ قيادت به شامل ٿي وڃي. ڪجهه ماڻهن جي راءِ آهي ته محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت بعد پيپلز پارٽيءَ مقبوليت ۾ بي پناهه اضافو ٿيو، جنهن کان پوءِ آصف علي زرداريءَ جي وقتائتن فيصلن ان مقبوليت کي اڃا به وڌايو، پر هاڻي پيپلز پارٽيءَ جي قيادت کان اهڙا فيصلا ڪرايا پيا وڃن، جيئن ان جي ساک متاثر ٿئي، ۽ ان جي مقبوليت به گهٽ ٿي وڃي. ججن جي معاملي تي اهڙو منظر سامهون اچي ويو آهي. حڪومت پاران 100 ڏينهن ۾ مسئلا حل ڪرڻ جو جيڪو واعدو ڪيو ويو آهي، اهو به پورو ٿيندي نظر نٿو اچي. اٽي جو بحران موجود آهي، لوڊشيڊنگ عروج تي آهي، ۽ تيل جي قيمت ۾ به اضافو ٿي ويو آهي.

شايد موجوده حڪومت به صدر مشرف حڪومت وانگي عوام بجاءِ آمريڪا جي رحم و ڪرم تي رهڻ لاءِ ذهن ٺاهي ڇڏيو آهي. ججن جي بحاليءَ ۾ پيپلز پارٽي پاران لنوائڻ پٺيان به آمريڪي تحفظات آهن، ڇو ته صدر مشرف چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري کي هٽائڻ بعد آمريڪا کي اهو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته جسٽس افتخار انتها پسندن هٿان استعمال ٿي رهيو آهي ۽ هو دهشتگردن (گم ٿيل ماڻهن) کي رها ڪري رهيو آهي. نه رڳو ايترو، پر آمريڪا وٽ اها راءِ عامه به جوڙي وئي آهي ته جسٽس چوڌريءَ جا طالبان قيادت سان به ڳجها رابطا آهن. ان سان ايوانِ صدر هڪ تير سان ٻه شڪار ڪيا. هڪ ته افتخار محمد چوڌريءَ کي مشڪوڪ بڻائي ڇڏيو، ٻيو وري ججن جي معاملي تي سرگرم رهڻ سبب نواز ليگ جو رستو روڪڻ ۾ به ايوانِ صدر ڪامياب ٿيو. نواز ليگ پاران ججن جي بحالي ۽ لال مسجد اشو سان گڏ قبائلي علائقن ۾ آپريشن خلاف موقف توڙي آمريڪي پاليسين تي تنقيد اهڙا نقطا آهن، جن نواز ليگ ۽ افتخار محمد چوڌريءَ کي هڪ هنڌ گڏ بيهاريو آهي، يعني ٻنهي ڌرين کي آمريڪا بهادر ساڳي نظر سان ڏسي ٿو. اهو ئي سبب آهي، جو آمريڪا پيپلز پارٽي تي دٻاءُ وڌو ته حڪومت جوڙڻ لاءِ نواز ليگ بجاءِ ٻين ڌرين کي حڪومت ۾ شامل ڪري. آصف علي زرداري پاران ق ليگ کي قاتل ليگ سڏڻ ۽ چوڌرين جي خلاف بيان بازي ڏيڻ بعد ڏاڍو ڏکيو ٿي ويو ته هو قائد ليگ کي گڏ کڻي هلي. پر وقت جي ضرورت تحت پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم ۽ قائد ليگ جي ممڪنه فارورڊ بلاڪ کي گڏڻ لاءِ تيار ٿي وئي آهي.

                جيڪا به پارٽي اقتدار ۾ اچي ٿي، ان کي سوچڻ گهرجي ته کيس آمريڪي آشيرواد وارو اقتدار گهرجي، يا عوامي آشيرواد وارو اقتدار کپي؟ آصف زرداري علي پنهنجي تقريرن ۾ انقلاب جي ڳالهه ڪندو رهيو آهي، پر سندس حڪومت جي ڪابينا صدر پرويز مشرف کي ڊنر تي دعوت ڏئي ان سان ويجهڙائپ وڌائي رهي آهي. هڪ ورديءَ واري پاران هٽايل ججن کي بحال نه ڪرڻ جهڙي پاليسي اختيار ڪرڻ سبب عوام وٽ پيپلز پارٽيءَ لاءِ ڪيترائي سوال جنم وٺي رهيا آهن. هنن وٽ سوال آهي ته آخر اهو انقلاب ڪڏهن ايندو، جنهن جي ڳالهه زرادري صاحب ڪندو رهيو آهي؟ ان وٽ اهو به سوال آهي ته پ پ پ کي جج بحال نه ڪرڻا هئا ته پوءِ ان حوالي سان ملڪ ۾ ڳالهين جا دور ڇو هلايا ويا، دبئي ۽ لنڊن جا دورا ڇو ٿيا، نموني نموني جون ڪاميٽيون ڇو جوڙيون ويون؟ آئيني ماهرن موجب حڪومت جيڪڏهن سنجيده هجي ها ته هڪ هفتي اندر قانون سازي ڪري پئي سگهجي. جيڪڏهن آئيني پيڪيج آڻڻو هو ته ٻين اصلاحن کي بعد ۾ ترميم ڪجي ها پهرين ترجيح طور ججن کي بحال ڪري پيو سگهجي، ڇاڪاڻ جو نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽيءَ وٽ گڏيل طور تي ايتري اڪثريت آهي، جو اهي پارٽيون پارليامينٽ مان ڪو به فيصلو وٺي سگهن ٿيون. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي کي هروڀرو اهو خوف هو ته جج بحال ٿيا ته ان جو ڪريڊٽ نواز ليگ کي ويندو، ان ڪري پ پ پ هٿ کڻي وئي. گڏيل طور جج بحال ٿين ها ته پ پ پ-نواز ليگ حڪومت مضبوط ٿئي ها ۽ اتحاد ۾ وڌيڪ اعتماد پيدا ٿئي ها، پر هاڻي اتحاد ٽُٽڻ جو خدشو وڌي ويو آهي. سڀاڻي نواز ليگ پارٽي اجلاس سڏايو آهي. امڪان آهي ته نواز ليگ وفاق مان حڪومت کان الڳ ٿي ويندي ۽ وڪيلن ۽ اي پي ڊي ايم جي پارٽين سان گڏجي احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

goharghanghro2000@yahoo.com