ڇا عائشه جي خواهش پوري ٿي سگهندي؟

زاهده ڏيٿو

ڪاوش ۾ عائشه نالي گونگي ڇوڪري جو بيان پڙهي مون کي ڪافي حيرت ٿي. هن چيوآهي ته ”مان دارالامان مان شادي ڪري پوءِ وينديس“ پر شادي لاءِ هن هڪ هڪ معيار رکيو آهي ته ”مان ڪنهن خوبصورت نوجوان سان شادي ڪنديس.“ سندس اهو بيان پڙهي پاڻ کي خوبصورت سمجهندڙ نوجوان ميدان ۾ لهي پيا ۽ اچي  عائشه جي سامهون حاضر ٿيا. عائشه انهن کي غور سان ڏٺو ۽ انهن کي رجيڪٽ ڪري ڇڏيو ۽ اهي ڇوڪرا ناڪام ٿي واپس هليا ويا. عائشه ائين ڇو ٿي سوچي، جڏهن ته اڄ جون حالتون ته نارمل ڇوڪرين کي ايئن سوچڻ جي اجازت نٿيون ڏين، هاڻي ته صرف اهو ئي چاهيو ٿو وڃي ته بس شادي ٿي وڃي. شادي هڪ ڏکيو مرحلو ٿي ويو آهي، ڄڻ ڇوڪرن جو ڪال ٿي ويو هجي يا شادي هڪ اهڙو مرحلو ٿي ويو هجي، جنهن تائين پهچڻ/رسائي آهستي آهستي ڏکي ٿيندي وڃي.

هونئن ته اسان جي معاشري ۾ بي جوڙ شاديون عام آهن، ڪٿي 60 سال جو مرد ۽ 16 سالن جي ڇوڪري ڪٿي! وري بدي ۾ ڏنل ڇوڪريون ڪٿي پڙهيل لکيل ڇوڪريون ۽ اڻ پڙهيل ڇوڪرا، ڪٿي خوبصورت ڇوڪريون ۽ بدصورت ڇوڪرا ۽ اها صورتحال وڏي سطح تي آهي. اڄڪلهه شاديءَ ته ڄڻ ڪو جبل تي چڙهڻ وارو ڪم نظر اچي ٿو. هر ماءُ ۽ پيءُ خوف ۽ حراس جو شڪار نظر اچن ٿا ته هو پنهنجي نياڻين جون شاديون ڪيئن ۽ ڪٿي ڪن؟ غربت جي هن دور ۾ جڏهن زنده رهڻ مشڪل آهي، اتي شادي ته هڪ وڏو مسئلو ٿي اڀريو آهي. هيٺين طبقي وٽ ته شادي جو ڪو معيار نه آهي، انهن کي رڳو اهو خفو لاهڻو آهي ته شادي ڪرائڻي آهي، پوءِ ڪير به هجي، پٽي سٽي به شاديون جلدي ڪرائيندا. باقي اهو گهڻو تڻو مسئلو مڊل ڪلاس جو آهي. ان وٽ شادي سان لاڳاپيل وڏا اشوز آهن. شادي لاءِ انهن کي پيسا به کپن، ڏاج به کپي ۽ سفيد پوشي ۾ شادي به ڪرائڻي آهي ۽ رشتو به ڪو سولو هجي. ان آسري ۾ ڇوڪريون پوڙهيون ٿي وڃن ٿيون ۽ انهن جا سڀ ارمان اڌورا رهجي وڃن ٿا. هتي ڪيترائي اهڙا ڳوٺ ۽ گهر نظر ايندا، جنهن ۾ اڌ کان مٿي ڇوڪريون 30 سالن کان شادي جي انتظار ۾ ويٺل آهن پر انهن جون شاديون نٿيون ٿين. انهيءَ جا مختلف سبب آهن، ڪٿي ڇوڪرا صحيح نه آهن، ڪمائين نٿا، ڪٿي مائٽ صحيح نه آهن، ڪٿي ڏاج يا پيسي جو مسئلو آهي. ماءُ، پيءُ ويچارا انتظار ڪري مري ٿا وڃن، ڪٿي وري ڇوڪريون ڊپريشن جو شڪار ٿيون ٿين، جن کي پوءِ اسان مختلف بيمارين ۾ مبتلا ڏسون ٿا. جن کي گهر وارا مزارن تي وٺي وڃن ٿا، بعد ۾ هنن کي جن آهي يا سايو آهي، چئي ويهاري ٿا ڇڏين. حالتون تمام ڳنڀير آهن، غربت جو ماريل عوام خاص ڪري اسان جي مڊل ڪلاس کي هن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ Realistic ٿيڻو پوندو.

عائشه منهنجي دوست هئي، مختلف ادارن ۾ ڪم ڪندي هئي، سٺي پگهار (50 هزار) کڻندي هئي، جڏهن به مون سان ملندي هئي شادي تي ضرور ڊسڪس ٿيندو هو. اڪثر ڪري چوندي هئي ”ڪو سٺو ماڻهو ملي ته شادي ڪنديس. ڪي ماڻهو لالچ جي ڪري شادي ڪرڻ ٿا چاهين، ڪجهه وڻن نٿا، متان ڪو سٺو ماڻهو ملي وڃي.“ آخر هن کي ڪينسر ٿي وئي ۽ هو مري وئي، پنهنجي سڀني حسرتن سان گڏ. مون سوچيو هي ڇا ٿي ويو! ڪڏهن به اهڙي ڪاشيءِ نه ٿي، هميشه ٺيڪ رهڻ واري عائشه وئي هلي. مون کي ته ڊپريشن ٿي ويو. ساڳيو حال اسان جي سماج جو آهي، الائي ڪيتريون عائشائون روز مرنديون هونديون. فرسٽريشن جو اهو حال آهي جو روزانو 3، 4 جوڙا ڀڄي شاديون ڪن ٿا. اهي ته اهي ڪيس آهن، جيڪي اخبارن ۾ رپورٽ ٿين ٿا، اڃا ٻيا ته الائي ڪيترا اهڙا ڪيس هوندا، پر محبت جو اهو جوش صرف 2 يا 3 مهينا هلي ٿو ۽ ان کانپوءِ زندگي جون تلخ حقيقتون ظاهر ٿيڻ لڳن ٿيون، خبر پوي ٿي ته اصل زندگي ڪجهه ٻي آهي. ان کانپوءِ واري صورتحال ۾ تمام گهڻا خاندان ڀوڳين ٿا ۽ ڪيتريون ڇوڪريون انهن ڏکن کي. هڪ ٻيو رخ اهو به آهي ته 16 جون جي ڪاوش ۾ هڪ خبر هئي ته شادي سواءِ ڪهڙي زندگي ۽ ان خبر ۾ حيرت جي ڳالهه اها هئي ته هڪ 60 سيڪڙو سالن جي ڄمار جي پيرسن بدين (ترائي) ۾ ڏاڏا عرف مراد علي نوحاڻي وڻ ۾ رسو ٻڌي پاڻ کي ڦاهي ڏئي ڇڏي ۽ کيسي ۾ هڪ ڇٺي لکي رکي ڇڏي ته ”شادي کان سواءِ ڪهڙي زندگي، ان ڪري مان خودڪشي ڪري رهيو آهيان.“ عجيب ڳالهه آهي ته چاچي کي هن عمر ۾ اڪيلائي جو احساس تمام شدت سان ٿيو. هن اڪيلائي کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي زندگي ختم ڪري ڇڏي. شايد اها اڪيلائي جوانيءَ ۾ هن ان وقت محسوس نه ڪئي هجي، پر پيري ۾ سڀ ساٿ ڇڏي ٿا وڃن ۽ صرف ويجهو رهندڙ ساٿي ئي گڏ هجي ٿو، يا وري ٻار. پنهنجي زندگي ختم ڪرڻ تمام ڏکيو ڪم آهي. ائين ته انسان جون هزارين خواهشون آهن، جيڪڏهن ائين هجي ته هر خواهش پٺيان انسان جو دم نڪري وڃي، يا هو پاڻ کي ختم ڪري ڇڏي. اسان وٽ زندگي کي ختم ڪرڻ وارا احساس ڪجهه شدت اختيار ڪري ويا آهن، لڳي ٿو ته ايترن مسئلن ۾ انسان زندگي سان محبت ڪرڻ ڇڏي ڏني آهي يا اسان وٽ ماڻهن هاڻي محبت ڪرڻ ڇڏي ڏني آهي، يا اسان مشيني ماڻهو ٿي ويا آهيون، جيڪي سڄو ڏينهن پنهنجي غربت کي دور ڪرڻ جا پلان جوڙيون ٿا. جيڪي پيسو رکندڙ آهن، اهي وڌيڪ پيسو ڪمائڻ ۽ امير ٿيڻ جي چڪر ۾ آهن ۽ ٻيون سڀ شيون ثانوي ٿي ويون آهن. ان صورتحال ۾ ڪجهه شيون ان وقت اتساهه پيدا ڪن ٿيون، جڏهن ڪو اسان کي اهڙا ڪردار نظر اچن ٿا.

چاچو سمون هڪ غريب، مسڪين مزدور طبقي جو ماڻهو آهي. چاچي مون کي ٻڌايو ته، سندس عمر 65 سالن جي آهي. هو ٻڌائي پيو ته ”جڏهن هندستان، پاڪستان ٺهيا ته آئون ننڍو هئس. ان وقت اسان ڪجهه ٺيڪ ٺاڪ هئاسين، وري پوءِ مون شادي ڪئي پر منهنجي گهر واري هڪ مهينو گڏ رهي گذاري وئي. وري آئون گرهوڙ شريف مان لڏي اچي هت ويٺم، پوءِ مون کي هڪ مائيءَ سان عشق ٿي ويو. هوءَ شادي شدهه هئي ۽ 9 ٻارن جي ماءُ هئي، پر پوءِ هن پنهنجو مڙس ۽ ٻار ڇڏي مون سان شادي ڪئي. هاڻي ان جي عمر 104  سال آهي، مان 65 سالن جو آهيان.“ مون چاچي کان پڇيو ته چاچا توهان کان وڏي آهي؟ چيائين ”بابا ها، امان مون کي هن سان محبت آهي، شادي جي ڪجهه عرصي کانپوءِ هوءَ بيمار ٿي وئي، سڄو گهر جو ڪم مان ڪندو آهيان. ماني پچايان، ڪپڙا ڌوئان، صفائي ڪيان، هن کي ماني کارايان، اهي سڀ ڪم بابا آئون ڪندو آهيان. اسان جو ڪو ٻار ٻچو ڪونهي، پر هوءَ منهنجي ذميداري آهي. مان ڀلي ڪجهه نه کانوان پر هن لاءِ ماني ضرور پچائيندو آهيان. پوءِ مزدوري ڪندو آهيان، زميندار مون کي 500 رپيا مهيني ۾ ڏيندو آهي، بابا ڀلا 500 رپين مان اڄ جي دور ۾ ڇا ٿو ٿئي، پر پوءِ به پٽي سٽي گذر سفر ڪندو آهيان.“ چاچي سمي جي ڳالهه تي مون کي لڳو ته اڃا به ڪي محبتون آهن، هن ديس ۾.

شاباس هجي چاچي سمي کي ته غربت جي هن دور ۾ پنهنجي محبت کي سنڀاليو اچي، نه ته اڄ جي دور جون فيشني محبتون ڪجهه عرصي کانپوءِ ئي فنا جو روپ ڌارڻ لڳن ٿيون. گونگي عائشه جي خواهش ته تمام ننڍي آهي پر پوءِ ڇا هن دور ۾ ڪو اهڙو ماڻهو هوندو، جيڪو سڀ ڪجهه هوندي به عائشه جو ساٿ ڏيندو، يا ان آس ۾ ڪٿي عائشه جي جواني جي ريل نه گذري وڃي.

dethoz@yahoo.com