|
انتهاپسنديءَ جو خاتمو عوام جي طاقت سان ئي ممڪن آهي آفتاب احمد خانزادو
عيد جي ٻئي ڏينهن اي اين پي جي سربراهه اسفند يار ولي تي حملو دهشتگرديءَ جي هڪ وڏي واردات هئي. سرحد صوبي جي پاپولر عوامي ليڊر تي اهو حملو اهو ظاهر ٿو ڪري ته دهشتگرد قوتون ڪهڙا ارادا رکن ٿيون. ان کان اڳ اسلام آباد جي ميريئٽ هوٽل تي حملو ڪيو ويو. جنهن ۾ انهن جو هدف اعليٰ ملڪي قيادت هئي، جيڪا اچتو ”وينيو“ جي تبديليءَ سبب محفوظ رهي. پاڪستان ۾ تسلسل سان ٿيندڙ خودڪش حملن ۾ جاني ۽ مالي نقصان ٿي رهيو آهي. اهڙي مرحلي تي جڏهن عوامي حڪومت ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ امن امان لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي، اهي حملا ڳڻتي ڏياريندڙ آهن. پاڪستان کي يڪجهتي ۽ استحڪام جي ضرورت جيتري اڄ آهي، ايتري پهرئين نه هئي. پاڪستان جي سمورين سياسي ۽ غير سياسي قوتن کي پنهنجا سمورا اختلاف ختم ڪري خودڪش حملن، انتهاپسندي ۽ تشدد خلاف اتحاد ڪرڻو پوندو. خودڪش حملا ۽ انتهاپسندي صرف اسان جو ئي نه، سڄي دنيا جو مسئلو آهي، جيڪڏهن ان کي نه روڪيو ويو ته وڏي تباهي اچي سگهي ٿي ۽ ان جي وڪڙ ۾ پوري دنيا اچي سگهي ٿي. اسان کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته جيڪڏهن افغانستان ۾ طالبان جي انتهاپسند حڪومت نه هجي ها ته دنيا جون وڏيون قوتون اتي جنگ واري پاليسي اختيار نه ڪن ها. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ڪجهه انتهاپسند نوجوانن کي افغانستان ۽ پاڪستان ۾ طالبان انقلاب جا خواب ڏيکاري رهيا آهن. ٻين لفظن ۾ هو هن علائقي مان پوري دنيا خلاف اعلان جنگ ڪرڻ چاهين ٿا. ان انتهاپسنديءَ واري سوچ کي روس جهڙي قوت به خطرو سمجهي ٿي. چين به ان کي قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. روس لاءِ چيچنيا جهڙو تلخ تجربو به سامهون آهي، اهڙي نموني چين جي به هڪ صوبي ۾ انتهاپسندي مسئلن ۽ شورش کي جنم ڏنو هو. ڀارت ۽ ايران به ڪنهن صورت ۾ انتهاپسنديءَ کي قبول نه ڪندا. اهڙين حالتن ۾ اسان کي سوچڻو پوندو، ته انتهاپسنديءَ جو ٻيو نالو تباهي آهي، جنهن ۾ پوري دنيا کي پنهنجو مخالف ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه به نه ملندو. ملڪ کي انتهاپسند قوتن هاڃو رسايو آهي، جنهن ڪري ملڪي ترقي متاثر ٿي آهي. سيڙپڪاري متاثر ٿي آهي، صنعتي ترقيءَ کي هاڃو رسيو آهي. ملڪي وسيلا عوام جي ترقيءَ بدران گهڻي ڀاڱي دهشتگرديءَ ۽ انتهاپسنديءَ جي خاتمي لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن. پاڪستان ۾ وسيلا به آهن، افرادي قوت به آهي، بس دهشتگرديءَ کي روڪڻو آهي. جنهن بعد صحيح حڪمت عمليءَ ذريعي اسان ترقي ۽ خوشحاليءَ جون منزلون طئي ڪري سگهون ٿا. جيڪڏهن موجوده حالتن ۾ اسان خودڪش حملن ۽ انتهاپسنديءَ جو مقابلو ڀرپور يڪجهتي سان نه ڪيو ته اسان هڪ اهڙي انتشار کي جنم ڏيڻ جهڙو ڏوهه ڪري ويهنداسين، جنهن جي حد جو علم ڪنهن کي به ناهي. موجوده حالتون ايتريون ڳنڀير ناهن ٿيون جو اهي ٺيڪ نٿيون ٿي سگهن. ملڪ جو عوام محب وطن آهي، جنهن کي بهتر حالتن ۽ موقعن جي ضرورت آهي، صرف حڪومت اڪيلي، سر ڪجهه به نٿي ڪري سگهي، اسان سڀني کي گڏجي پاڪستان کي مضبوط، مستحڪم ۽ خوشحال ڪرڻو پوندو. عوام متحد ٿئي، ته ڇا نٿو ڪري سگهي؟ طاقت جو سرچشمو عوام آهي. اهو عوام ئي آهي، جنهن آمرن ۽ مطلق العنان بادشاهن کي تخت ۽ تاج کان محروم ڪري ڇڏيو. جنهن نيپالي بادشاهه کي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو. جنهن ايران جي رستن تي پنهنجي خالي هٿن سان وڏيون وڏيون ٽينڪون اٿلائي ڇڏيون. ظل سبحاني سڏائيندڙن کي سندن ملڪ ۾ قبر جيتري جاءِ به نه ملي. عوام هميشه کان ناممڪن کي ممڪن ڪندو آيو آهي. عوام جي طاقت ائٽم بم جي طاقت کان وڌيڪ آهي. پاڪستان جي عوام کي هاڻي پنهنجي آزادي لاءِ اعتدال پسندي ۽ جمهوريت جي حفاظت لاءِ اٿي کڙو ٿيڻو پوندو. کين پاڪستان جي سالميت ۽ مضبوطيءَ لاءِ اٿڻو پوندو. انتهاپسندي ۽ دهشتگرديءَ پاڪستان لاءِ وڏو خطرو آهن، جيڪڏهن اسان هوش کان ڪم ورتو ته اسان جي منزل آسان ٿي پوندي. اتحاد ۽ هم آهنگي ترقيءَ جون علامتون آهن، جڏهن ته انتشار ۽ نفاق سان بربادي ٿيندي. سڀ کان وڏي ڳالهه اها آهي ته خود حڪومت به کليءَ دل سان سڀني کي گڏ کڻي هلڻ لاءِ تيار آهي، جنهن ڪري گڏجي ڪم ڪرڻ جو به بهترين موقعو ملي رهيو آهي. اسان کي اهڙي موقعي کي ضايع نه ڪرڻ گهرجي. aftabkhanzada2@yahoo.com |