رپورٽ: الطاف لاڙڪ

ڪاوش پوليس آفيسرن لاءِ گزيٽ جي حيثيت ماڻي چڪي آهي:غلام نبي ميمڻ

خيرپور: ڪاوش جي سالگرهه جي حوالي سان ڊي پي او خيرپور غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته ڪاوش اخبار پوليس آفيسرن لاءِ گزيٽ جي حيثيت ماڻي چڪي آهي ۽ ان مان اسان معلومات حاصل ڪري پنهنجي آفيسرن کان پڇاڳاڇا ڪندا آهيون، ننڍن وڏن ڏوهن  متعلق ڪاوش پڙهڻ بعد معلومات ملندي آهي، ڊي پي او غلام نبي ميمڻ چيو ته جڏهن ڪاوش پوليس جي پازيٽو پروجيڪشن ڪئي آهي ته اُن جا نتيجا بهتر مليا آهن جنهن ڪري پوليس آفيسر دل سان ڪم ڪري ٿو، ان ڪري ڪرائيم تي به پوليس جو پازيٽو اثر ٿئي ٿو پر ڏٺو ويو آهي ته ڪاوش اخبار دعويٰ واري ڳالهه لکي ٿي جنهن تي اعتراض ضرور آهي، ڪاوش کي پنهنجي رپورٽرن جي زباني جيڪا صحيح حقيقت ملي اُن کي انهي طريقي سان لکيو وڃي پر جيڪڏهن شڪ شبهي جي ڳالهه هجي ته پوءِ ڪاوش ان ڳالهه جي دعويٰ ضرور لکي. هن چيو ته اصل ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آفيسر جيڪي جان جوکي ۾ وجهي بدنام ڏوهارين کي گرفتار ڪن ٿا انهن جي ڪارڪردگي کي مشڪوڪ بڻائڻ بجاءِ سندن حوصلا افزائي ٿيڻ گهرجي ۽ جيڪو پوليس اهلڪار ڪو غلط ڪم ڪري ٿو ته ان جي انهي عمل کي ذاتي عمل طور لکيو وڃي نه ڪي سموري ڊپارٽمينٽ کي ان جو ذميوار قرار ڏنو وڃي، ڪاوش انهن پوليس آفيسرن لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو جيڪي ايمانداري سان عوام جي خدمت ۾ يقين رکن ٿا. صبح جو ڪاوش نه پڙهڻ سان ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڪا شي رهجي وئي آهي جنهن جي ٻاڙ لڳندي رهندي آهي، ڪاوش پڙهڻ منهنجي عادت بڻجي وئي آهي. ڏوهي سرگرميون هڪ سوچ جو عڪس ۽ نالو آهن ۽ قلم ذريعي اهڙي سوچ کي تبديل ڪري سگهجي ٿو.