چمن(مانيٽرنگ ڊيسڪ) |
|
دوڙ تعلقي جي 12 ڪروڙ 56 لک 14 هزارن جي ٽيڪس فري بجيٽ پيش دوڙ (ن ڪ) دوڙ تعلقي جي ٽيڪس فري بچت واري بجيٽ پيش، دوڙ تعلقي ڪائونسل جو بجيٽ اجلاس ڪنوينر بچل زرداري جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ تعلقي ناظم خرم يار بروهي مالي سان 09-2008ع جي ٽيڪس فري 3لک 54 هزار رپين جي بچت واري بجيٽ پيش ڪئي، بجيٽ ۾ سالياني آمدني جو ڪاٿو 12 ڪروڙ 56 لک 14 هزار رپيا، جڏهن ته مجموعي خرچ جو ڪاٿو 12 ڪروڙ 52 لک 60 هزار رپيا لڳايو ويو آهي، بجيٽ ۾ ڪو به نئون ٽيڪس نه لڳايو ويو آهي، ترقياتي ڪمن لاءِ مجموعي طور 7 ڪروڙ ۽ تعلقي جي 14 يوسيز لاءِ 20 لک رپيا في يوسي، جڏهن ته عورتن ۽ اقليتي ڪائونسلرن لاءِ10 لک رپيا في ميمبر مختص ڪيا ويا آهن، جڏهن ته اجلاس ۾ شهيد راڻي جي ياد ۾ دوڙ هائوسنگ سوسائٽي ۾ 20 لک رپين جي لاڳيت سان شهيد بينظير ڀٽو پارڪ تعمير ڪرايو ويندو، اجلاس کي خطاب ڪندي تعلقي ناظم خرم يار بروهي چيو ته حڪومت سنڌ دوڙ تعلقي جي ترقي لاءِ 20 ڪروڙ جي خصوصي گرانٽ منظور ڪئي آهي، جنهن ۾ 10 ڪروڙ دوڙ سٽي لاءِ جڏهن ته 5 ڪروڙ ٻانڌي۽ 5 ڪروڙ ڄام صاحب لاءِ مختص ڪيا ويا آهن.
|