رپورٽ:عبدالرحمان رند

شهيد راڻي جي مزار تي وي آءِ پي ڊيوٽي ڏيندڙ پوليس اهلڪار عيد ڏهاڙي اڃ ۽ بک تي ڊيوٽي ڏيندا رهيا

لاڙڪاڻو (اين اين آءِ) نئين ديري ۾ وزير اعليٰ سيد قائم علي شاهه جي عيد ڏينهن آمد جي موقعي تي مقرر پوليس اهلڪار سڄو ڏينهن بک ۽ اڃ تي ڊيوٽي ڏيندا رهيا، اطلاع مطابق عيد جي ڏينهن سوين پوليس اهلڪار شهيد بينظير ڀٽو جي مزار تي ايندڙ وي آءِ پيز جي ڊيوٽي تي مقرر ٿيل هئا، جن کي پوليس هيڊ ڪوارٽر مان کاڌو به نه پهچايو ويو هو، پوليس اهلڪارن جڏهن هيڊ ڪوارٽر سان رابطو ڪيو ته معلوم ٿيو ته کاڌو تيار آهي پر گاڏي نه هئڻ سبب پوليس کي کاڌو فراهم نه ٿو ڪري سگهجي.