ٿرڙي محبت ۾ وارثن جي تشدد سبب ناري پوليس وٽ پهتي

راڌڻ (ن ڪ) راڌڻ ريلوي ڪالوني جي رهواسڻ 17 سالن جي ناري شبانه سولنگي ٿرڙي محبت پوليس وٽ پهچي تحفظ جي اپيل ڪئي، پوليس رات دير سان ناري کي موبائيل ۾ وجهي ميهڙ ٿاڻي تي پهچايو، جنهن بعد ناري کي واپس ٿرڙي محبت ٿاڻي تي آندو ويو، شبانه سولنگي پوليس وٽ دانهيو ته وارث بنا سبب تشدد ڪندا آهن، جنهن سبب گهران نڪري اچي ٿاڻي تي پناهه ورتي آهي، هوڏانهن ناري جي ماءُ ٿاڻي تي پهچي ٻڌايو ته شبانه معمولي تڪرار سبب گهران نڪتي آهي، ان مٿان ڪنهن به تشدد نه ڪيو آهي پر هوءَ پنهنجي ڀيڻ سان ناراض ٿي گهران نڪتي آهي، بعد ۾ ناري جي ڀائرن ناري کي پرچائي ورتو پر ناري آخري اطلاعن تائين ٿاڻي تي ويٺل هئي.