رپورٽ: الطاف لاڙڪ

بينظير ڪارڊ تحت هر مستحق خاندان کي ماهوار هڪ هزار رپيا ملندو

اسلام آباد: حڪومت غربت جي لڪير کان هيٺ واري زندگي گذاريندڙ ماڻهن کي رليف ڏيندي، بينظير ڪارڊ جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت هر مستحق خاندان کي ماهوار هڪ هزار رپيا مالي امداد ڏني ويندي، ناڻي واري وزير سيد نويد قمر بجيٽ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته بينظير ڪارڊ حاصل ڪندڙ ماڻهن کي روزگار، صحت جي سهولتن، لائيف انشورنس ۽ کاڌي پيتي جي شين تي سبسڊي کانسواءِ بيت المال ذريعي خرچ ڏنو ويندو.