روزاني ڪاوش ايڊيٽوريل 3 فيبروري 2007 |
|
خبرون آهن ته سنڌ ۾ واپارين، وڏيرن، با اثر ڀوتارن، رٽائرڊ توڙي حاضر سروس ڪامورن پاران شروع ڪيل وياج جو ڪڌو ڪاروبار سڄي سنڌ ۾ ڦهلجي انتهائي خطرناڪ صورت اختيار ڪري ويو آهي، ڪيترا ماڻهو وياج خورن جي ور چڙهي پنهنجي ڪاروبار، ملڪيتن، زمين ۽ گهرن کان محروم ٿي چڪا آهن. وياج جي رقم ادا نه ڪري سگهڻ سبب زمينون، گهر، دڪان، گاڏيون ۽ ٻيو سامان ضبط ٿيڻ روز جو معمول بڻيل آهي. سنڌ جي ڪجهه ضلعن ۾ وياج عيوض نياڻين جي وڪري جا واقعا پڻ رپورٽ ٿي رهيا آهن. ان ڪاروبار کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ وياج جي رقم جي واپسيءَ کي يقيني بنائڻ لاءِ انتظامي عملدارن توڙي با اثرن ماڻهن جا به ان رقم ۾ حصا پتيون هجڻ ڪري ان ڪڌي ڪاروبار خلاف قانون تحرڪ ۾ اچي نه سگهيو آهي. هونئن ته سنڌ ۾ عام ماڻهوءَ جي زندگي جهڙي اذيتناڪ نموني گذري ٿي، تنهن کي ڏسي اهو محسوس ٿئي ٿو ته مجبور ماڻهن جو هر ساهه ڄڻ زندگيءَ جو قرض چڪائيندي گذرندو هجي. حڪومت زندگيءَ جي ان اذيتناڪيءَ کي گهٽائڻ لاءِ ته ڪو تحرڪ نٿي وٺي، ويتر جيڪي ڌريون توڙي فرد، ماڻهن جي ان اذيت کي سرس ۽ سوايو ڪري رهيا آهن، انهن خلاف قدم کڻڻ کان به انتظاميا لاچار بڻيل آهي. عام ماڻهن جي، اڳ ئي اذيت ۾ گذرندڙ زندگيءَ کي، اهي ڌريون ۽ فرد وڌيڪ اذيتناڪ بنائي ٿا ڇڏين، ڇو ته انهن جي گذر جو دارو مدار عام لوڪن جي مجبورين مان فائدو وٺي سندن ڦرلٽ تي هوندو آهي. مجبور ماڻهن کي قرض ايتري ته وياج تي ڏنو پيو وڃي، جو اهي موٽائي نٿا سگهن، ۽ ان غير قانوني وياج جي ادائگيءَ کان، انتظامي عملدارن ۽ با اثر ڀوتارن جي ملوث هجڻ سبب انڪار به نٿا ڪري سگهن ٿا. اهڙي ريت اهي سڄي حياتي جيڪي ڪجهه ڪمائين ٿا، اهو وياج خورن جي ور چڙهي ٿو وڃي ۽ زندگي هڪ سزا بڻجي ڄڻ ته ڏنڊ ۾ گذرندي رهي ٿي. زندگي کٽي وڃي ٿي پر قرض نٿو کٽي. ان ڪاروبار جو سامهون آيل انتهائي اذيتناڪ رخ اهو آهي ته ماڻهو هاڻي ته مجبور ٿي پنهنجين نياڻين کي اهو قرض چڪائڻ لاءِ وڪرو ڪري رهيا آهن. ماڻهو ايترا ته مجبور ڪيا ويا هجن، جو اهي پنهنجي جگر جا ٽڪرا به وڪڻڻ لاءِ تيار ٿي وڃن، ان کان وڌيڪ جبر ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟! هن مهذب دنيا ۾ اسان ڪٿي بيٺل آهيون؟ توڙي جو هي اهو غلامانه دور ناهي، پر ان جي باوجود ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ هتي انسانن جو وڪرو جاري آهي. ترقي ته صرف پيداواري طريقن، پيداواري لاڳاپن ۽ پيداواري اوزارن جي تبديليءَ جو ئي نالو ناهي. ارتقا ۾ جتي مادي شيون تبديليءَ مان گذرن ٿيون، اتي غير مادي جز، قدر ۽ رويا به هاڪاري نموني تبديل ٿين ٿا. سماج جي اندروني ترتيب ۽ ترڪيب به ان ئي سٽاءَ سان بدلجي ٿي، پر موجوده حالتن ۾ وياج خورن پاران ٿيندڙ ڦرلٽ، ماڻهن جي استحصال ۽ نياڻين جي وڪري جا واقعا ڪهڙي دور جي نشاندهي ڪن ٿا؟ ان سڄي صورتحال ۾ حڪومت جي خاموشي حيرت ۾ وجهندڙ آهي. قرض ته صرف بينڪون ئي ڏيئي سگهن ٿيون پر وياج خورن جهڙي نموني ماڻهن کي مقروض بنائڻ ۽ استحصال ڪرڻ شروع ڪيو آهي، ان سڄي ڪرت کان انتظاميا ڀلا ڪيئن ٿي غافل ۽ اڻڄاڻ رهي سگهي؟ وياج خورن وٽ ته پنهنجا پئسا وياج تي ڏيڻ جو نه ڪو قانوني اجازت نامو يا ”لائسنس“ آهي، نه ئي وري قانون ۾ ڪا اهڙي گنجائش، جو اهي ناجائز نفعو ڪمائي نسلن کي گروي ڪري ڇڏين. اهي ته ان ڪاروبار مان جيڪو وياج وٺن ٿا، جيڪو ناجائز ناڻو ڪمائين ٿا، اهو ته ڪنهن ٽيڪس جي گرفت ۾ به نٿو اچي. اهي ڪاروباري ته انڪم ٽيڪس کان به آجا آهن، پر ان جي باوجود ان ڪڌي ڪاروبار کي قانون جو ڪو هٿ به آڏو نٿو ڏنو وڃي. اها ڳالهه پڻ رپورٽ ٿي آهي ته وياج واري ڪاروبار جي ڦهلاءَ کي انتظامي عملدار ۽ با اثر ڀوتار سازگار ماحول فراهم ڪري رهيا |