روزاني ڪاوش - هائيڊ پارڪ _ اڄ جي بهترين لکڻي |
|
سنڌ زرعي يونيورسٽي ملازمن جي احتجاج جو چانسلر نوٽيس وٺي! سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام قائم ٿيڻ کان وٺي هن وقت تائين هزارين زرعي سائنسدان پيدا ڪيا آهن، جيڪي ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيئي رهيا آهن. ملازمن ۽ پورهيتن پنهنجو پگهر وهائي هن اعليَ تعليمي اداري کي سنواري سينگاري دنيا جي جديد ترين ادارن جي مد مقابل ڪري بيهاريو آهي، پر هن اداري جي بدقسمتي اها رهي آهي، جو هتي وقت بوقت اهڙن نااهل بالا آفيسرن کي مقرر ڪيو ويو، جن هن اداري کي اڳتي وڌائڻ بجاءِ پوئتي ڌڪڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي، جن مان موجوده وائس چانسلر پڻ هڪ آهي، جنهن جي غلط پاليسين ڪري زرعي يونيورسٽي کي تمام گهڻو نقصان رسيو آهي. موجوده وائس چانسلر پنهنجا نواز پاليسي تي عمل ڪندي، غريب شاگردن، يونيورسٽي جي ٽيچنگ اسٽاف ۽ ٻين ملازمن جي حقن تي راتاها هنيا، جنهن ڪري اڄ مادر علمي جا ملازم سراپا احتجاج بڻيل آهن. ملازمن جي حقن جي حاصلات لاءِ هلندڙ هن ڀرپور جدوجهد کي اڄ اٽڪل ٻه مهينا اچي پورا ٿيا آهن، پر سواءِ هڪڙي ڪاميٽي جوڙڻ جي، يونيورسٽي جي چانسلر اڃا تائين ٻيو ڪو ساراه جوڳو قم ناهي کنيو. اٽڪل ٻن مهينن کان يونيورسٽي جي ملازمن جون پگهارون بند آهن، توڻي جو انهن جي گهر جي هاڻ چلهه به نٿي ٻري، پر سندن حوصلا هماليه کان به اوچا ڏسي شڪاگو جي شهيدن جي تاريخ ياد اچي رهي آهي. اسان سنڌ جي گورنر کي اپيل ٿا ڪريون ته زرعي يونيورسٽي ۾ ملازمن جي جاري احتجاج جو نوٽيس وٺي جلد سندن مطالبا منظور ڪري،معطل ٿيل تدريسي عمل جاري ڪرايو وڃي. پير بخش وگهيو/ٽنڊو ڄام مشرف کي صاف رستو نه ملڻ گهرجي! جنرل (ر) پرويز مشرف چونڊن کانپوءِ جڙيل نئين حڪومت جي اتحادي پارٽين جي دٻاءَ هيٺ اچي 18 آگسٽ تي پنهنجي صدارتي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي چڪو آهي. جنرل (ر) پرويز مشرف آيو ئي آئين کي پائمال ڪري هو، هن جي اقتدار ۾ انٽري ئي غيرقانوني ٿي هئي. هن ايندي ئي پهريون ڪم ملڪ جي قبائلي علائقن ۾ جنگ ڇيڙڻ وارو ڪيو، جيڪا اڃا تائين جاري آهي. هو اتان اڃا فارغ ئي نه ٿيو هو ته وري بلوچستان ۾ آپريشن شروع ڪيائين، جيڪو بقول بلوچ اڳوڻن جي اڃا تائين جاري آهي. چوڻ جو مطلب ته هن هڪ سرحدي محافظ جي حيثيت ۾ ايتريون جنگيون، دشمن ملڪ سان نه وڙهيون، جيتريون پنهنجي ئي ملڪ جي ماڻهن سان جاري رکيائين. اڳوڻي صدر پرويز مشرف اسلام آباد ۾ جامع حفصه جي معصوم نياڻين کي نڪرڻ لاءِ محفوظ رستو نه ڏنو، لال مسجد ۾ آپريشن ڪيائين، هن جا هٿ ملڪ جي اهڙن ڪيترن ئي بيگناهن جي خون سان رڱيل آهن. هو پنهنجي دور جو ڄڻ ته قاتل حڪمران ثابت ٿيو آهي. هاڻ جڏهن ملڪ ۾ جمهوري حڪومت قائم ٿي چڪي آهي ته، عوام چاهي ٿو مشرف جي خوني هٿن ۾ هٿ ڪڙيون لڳڻ کپن ۽ کيس عدالت جي ڪٽهڙي ۾ آڻي، بيگناهن جي خون جو حساب ورتو وڃي. ڪجهه خبرن مطابق آمريڪا جو پاڪستاني حڪومت مٿان دٻاءُ آهي ته، مشرف جي غير آئيني قدمن کي آئيني تحفظ ڏنو وڃي ۽ مشرف جو احتساب نه ڪيو وڃي. مشرف کي نو سالن جي اقتداري دور ۾ آمريڪا جي حمايت حاصل رهي، پر آخر ۾ هن جا آمريڪي ڌڻي نه ٿيا ۽ کيس مجبور ٿي استعيفيَ ڏيڻي پئي. آمريڪا جي دوستي کانپوءِ ڪنهن سان دشمني ڪرڻ جي ضرورت ئي ناهي پوندي، ڇاڪاڻ ته آمريڪا جي دوستي، دشمني کان وڌيڪ بري ثابت ٿيندي آهي. آمريڪا دنيا جي جنهن ملڪ ڏانهن، پنهنجي دوستي جو هٿ وڌائيندو آهي ته، پوءَ ان هٿ کي پنهنجا مطلب ماڻڻ کان اڳ پوئتي نه ڇڪيندو آهي. هن وقت سڀ کان وڏو سچ اهوآهي ته، بش ۽ ان جي اتحادين سڄي دنيا جي انسانيت کي ڪڙي آزمائش ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، پر بش ۽ سندس اتحادي اها ڳالهه سمجهڻ کان قاصر آهن ته، امن جي ضمانت امن سان ملي سگهي ٿي، نه وري جنگ مڙهڻ سان. رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف پاڪستان جا هوائي اڏا آمريڪا حوالي ڪيا، آمريڪا جي حڪم تي هزارين ماڻهن کي شهيد ڪرايو ۽ ڊالرن عيوض ڪيترن ئي ملڪي شهرين کي پهريان گم ڪرائي پوءِ آمريڪا حوالي ڪري ڇڏيو. هن وقت ملڪ جي ستر سيڪڙو عوام جي راءِ آهي، ته آمريڪا جي حمايتي اڳوڻي صدر پرويز مشرف جو احتساب ٿيڻ گهرجي. عبدالفتاح سومرو/شڪارپور ڀلاري مهيني ۾ ته لوڊ شيڊنگ جي آزار کان بچايو! رمضان شريف جو ڀلارو مهينو شروع ٿيندي ئي عام استعمال جي شين جا اگهه ٻيڻا ٿي ويندا آهن. جن ۾ خاص ڪري فروٽ، ڀاڄين، دالين، اٽي،گيهه، کنڊ ۽ چانهه وغيره جا اگهه اچي وڃن ٿا. هونئن ته ڪالهه سرڪار پاران رمضان جي نعمتن واري مهيني شروع ٿيڻ کان اڳ روزاني استعمال جي شين جي اگهن ۾ رعايت ڪري نوان اگهه مقرر ڪيا ويا آهن، پر انهن اگهن تي گهڻو ڪري عمل صرف يوٽيلٽي اسٽورن تي ٿيندو ۽ يوٽيلٽي اسٽورن تان گهر جو سودو وٺڻ ايڏو آسان ناهي، جو چئجي ته حڪومت جي ان عمل سان غريب ماڻهن کي هن مهيني ۾ ڪو بهتر رليف ملي سگهندو. ان کان علاوه يوٽيلٽي اسٽورن جي عملي جون شڪايتون به روزانو ”ڪاوش“ جي هن ئي صفحي تي پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون،تنهنڪري يوٽيلٽي اسٽورن تان سستي اگهه تي شين ملڻ وارو خواب نه پهريان پورو ٿيو ۽ نه وري هاڻ پورو ٿيندو. ملڪ ۾ رڳو مهانگائي جو مسئلو ناهي، پر هتي ته ماڻهن کي بجلي جي لوڊشيڊنگ پڻ ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا آهن. جيئن جيئن رمضان ويجهو ايندو پيو وڃي، تيئن بجلي جي لوڊشيڊنگ وڌندي پئي وڃي. ٽنڊوالهيار ضلعي ۾ ته وري بجلي جي لوڊشيڊنگ جو ڪو شيڊيول ئي مقرر ٿيل ناهي،جنهن وقت حيسڪو وارن کي خيال اچي بجلي گم ڪريو ڇڏين. خاص طور تي ٽنڊو الهيار جي نصرپور لائين جنهن تي ڊي سي ، ڊي پي او ، ضلعي ناظمه ٽنڊو الهيار جون آفيسون، نصرپور شهر ۽ سوين ڳوٺن جي بجلي هلي ٿي،ان لائين تي ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي غائب هوندي آهي. اسان حيسڪو جي اعليَ اختيارين کي اپيل ٿا ڪريون ته،ٽنڊوالهيار واسين کي ٻيو ته ٺهيو پر ڀلاري مهيني ۾ ته ان آزار کان آجو ڪرايو. عبدالرحمان جروار/ٽنڊو الهيار پوءِ ڪميشن جو امتحان ڏيڻ جو ڪهڙو فائدو؟ اسان سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي هٿن سان رد ڪيل سمري وارا پاپوليشن کاتي جا ڪميشن پاس ڊاڪٽر آهيون،جن پ پ پ جي حڪومت اچڻ لاءِ دعائون پئي گهريون ته پ پ پ ايندي ته اسان سان انصاف ٿيندو. جڏهن وڏي وزير مذڪوره سمري رد ڪئي ته اسان جي آس، نراس ۾ تبديل ٿي وئي ۽ مجبور ٿي اسانکي ڪورٽن جو در کڙڪائڻو پيو. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته اين ٽي ايس لکت ٽيسٽ پاس ڪندڙ ڊاڪٽرن کي پبلڪ سروس ڪميشن جي زباني امتحان لاءِ اهل سمجهيو وڃي ٿو، پر اسان لکت ۽ زباني ڪميشن جو امتحان پاس ڪندڙ ڊاڪٽرن جي رزلٽ کي قبول نٿو ڪيو وڃي. آخر سنڌي ڊاڪٽرن سان اهو ٻٽو معيار حڪومت ڇو روا رکيو آهي؟ چوڻ وارا ته اهو به چون پيا ته اتحادي ڌر کي خوش ڪرڻ ۽ پنهنجن ماڻهن کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ اين ٽي ايس جي لکت واري امتحان کي سرڪار پاران قبوليو ويو آهي. جيڪڏهن واقعي به اها ڳالهه سچ آهي ته پوءِ انهن سنڌي اعليَ تعليم يافته نوجوانن جو ڇا ٿيندو، جيڪي ڪميشن جو انتهائي ڏکيو امتحان پاس ڪري ويٺا آهن؟ اسان پيپلز پارٽي جي اعليَ قيادت کي اپيل ٿا ڪريون ته هن معاملي جو نوٽيس وٺي جلد ڊاڪٽرن جا آرڊر جاري ڪرايا وڃن. تهمينه نسيم/مٽياري ڪنهن به وقت هاءِ اسڪول جي ڇت ڪري سگهي ٿي! ڳوٺ کيمي جي پار، تعلقي ڇاڇري ۽ مٺي ضلعي جو وڏي ۾ وڏو ڳوٺ آهي. اٽڪل 5 هزار گهرن جي آبادي تي مشتمل هن ڳوٺ جا رهواسي ڪيترن ئي مسئلن جي ور چڙهيل آهن، جن ۾ سندن اهم مسئلو هاءِ اسڪول جي عمارت جي زبون حالي آهي. هاءِ اسڪول جي ڇت ۾ ڏار پئجي ويا آهن ۽ ڇت ڪمزور ٿيڻ سبب چاپڙ ڪرڻ لڳا آهن، هتان جي رهواسين کي اهو خطرو آهي ته،ڪنهن به وقت مذڪوره هاءِ اسڪول جي ڇت اوچتو ڌماڪي سان ڪري سگهي ٿي ۽ وڏو جاني نقصان ٿي پوندو. هاءِ اسڪول جي عمارت کي جڙئي اٽڪل 20 سال ٿيا آهن، پر ان وچ ۾ مرمت نه ٿيڻ ڪري اها جلد ڪمزور ٿي وئي آهي. اسان سنڌ جي تعليم واري وزير پير مظهر الحق کي اپيل ٿا ڪريون ته ڄاڻايل اسڪول جي عمارت جي جلد مرمت ڪرائي وڃي. حاڪم علي/ڇاڇرو نوڪرين ۾ ميرٽ جي لتاڙ پئي ٿئي! پيپلز پارٽي جي بهادر اڳوڻ محترمه بينظير ڀٽو (شهيد) جڏهن پاڻ مرادي جلاوطني ختم ڪري، وطن وري رهي هئي ته، هن جي زبان تي به اهو ئي نعرو هو، جيڪو هتي ملڪ ۾ عوام سندس آمد جي تيارين دوران پئي هنيون ته” بينظير آئي گي روزگار لائي گي“. محترمه جي وطن ورڻ کانپوءِ هن ملڪ جي انهن قوتن، جيڪي سدائين عوامي ليڊرشپ کان خوفزده پئي رهيون آهن، نٿي چاهيو ته عوام جي دلين جي راڻي نعرن جا ائين هٿ لوڏي جواب ڏئي سگهي، جيئن هن ڏنا پئي، تنهن جي ڪري هنن ظالمن کيس شهيد ڪرايو. محترمه جي شهادت کانپوءِ جڏهن ملڪ جون ”خوني“ چونڊون ٿيون ته، عوام پ پ پ کي ڀاري مينڊيٽ ڏنو،جنهن جي مدد سان اڄ پ پ پ اقتدار ۾ آهي. هن ملڪ جي غريب ماڻهن کي هڪ الله جو ۽ ٻيو شهيد ڀٽوز جي هن عوامي پارٽي ۾ ئي آسرو رهيو آهي، جڏهن به پ پ پ اقتدار ۾ رهي آهي ته، عوام کي ڪجهه نه ڪجهه رليف مليو آهي. نئين حڪومت جڙندي ئي بيروزگاري جي خاتمي لاءِ مختلف کاتن ۾ خالي پيل جايون ڀرڻ لاءِ سنڌ حڪومت پاران اخبارن ۾ اشتهار ڏيڻ شروع ڪيا، جن مان پاپوليشن ويلفيئر کاتي ۽ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي ۾ خالي پيل جاين ڀرڻ لاءِ پڻ اشتهار ڏنا ويا. جن ۾ ڄاڻايل شيڊيول موجب سومر جي ڏينهن 25 آگسٽ تي لکت وارو امتحان ۽ انٽرويو ورتا ويا. امتحان واري هنڌ پهچڻ کان پوءِ جڏهن اسان اتي صورتحال ڏٺي ته، ڏندي آڱريون اچي ويون، جنهن کي جيئن وڻيو تيئن پئي پيپر دوران ڪيائين، وري جڏهن انٽرويو جو مرحلو آيو ته اڃا وڌيڪ حيرت ٿي ڇاڪاڻ ته اتي ٻڌڻ ۾ آيو ته، سيٽون پهريان ئي ورهائجي چڪيون آهن،هي صرف ڪاغذي ڪارروائي پوري ڪئي وڃي. اسان پيپلز پارٽي جي اعليَ قيادت کي اپيل ٿا ڪريون ته، نوڪرين جي حوالي سان هلندڙ سفارش، ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جي ڪوٽا وارو سسٽم ختم ڪري نج ميرٽ تي نوڪريون ڏنيون وڃن. فرقان ضياءَ ابڙو/هالا نوان هوائن جي زد ۾ آيل اميدن جو ڏيئو! ڏکن پٺيان سکن اچڻ جي آس، انسان کي زندهه رهڻ جو سامان مهيا ڪري ٿي. سکن جا سئو سال به هڪ منٽ جيان گذري ويندا آهن، جڏهن ته ڏکن جو هڪ منٽ به ورهين جيان لڳي ٿو ۽ انسان پنهنجي وس آهر سڀ حيلا ۽ وسيلا استعمال ڪري ٿو ته، جيئن ڏکن جي اها گهڙي يا اساعت جلد ختم ٿي وڃي. اميد جا روشن چراغ ٻارڻ ۽ خوشين جا لاڀائتا خواب ڏسڻ ته، انسان جي سڀ کان وڏي ڪرت آهي. جيئڻ جا جتن جي آجاپو ڏين ته، مسرتن ڏانهن وڌيڪ جهول جهلجي. آرزوئن ۽ اميدن کي ڇڏي، صرف جيئڻ ئي جنهن معاشري ۾ جنجال هجي، اتي اميدن جا چراغ روشن ڪرڻ به ڄڻ ته ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آهي. گذريل نون سالن کان ملڪ ۽ سنڌڙي ويچاري خاص طور تي جن ڀوڳنائن ۾ پيڙهجي پئي، انهن اهنجن ۽ ايذائن کي لفظن ۾ نٿو بيان ڪري سگهجي.سنڌ ۾ غريب ويچارو غريب تر ٿيندو پيو وڃي ۽ اميرن کي ڪو لهر لوڏو ناهي. هتي هاريءَ لاءِ ته مجيري ئي ڪافي آهي، پر مزدورن جي ٿيندڙ حلق تلفين جو الزام ڪنهن تي ڏجي؟ ڪيتريون اميدون هيون پيپلز پارٽي جي اقتدار ۾ اچڻ سان وابسته، عوام سمجهيو پئي ته پ پ پ اقتدار ۾ ايندي ته، دردن جو ڪو درمان ٿيندو، بک، بدحالي ۽ بيروزگاريءَ جو ڪو انت ايندو، سکن جو سج اڀرندو، پر لڳي ٿو ته اميدن جو ٻاريل هي ڏيئوطوفاني هوائن کان بچي نه سگهندو. سيد رفيق الله شاهه/ماتلي سنڌ جي وڏي وزير ڏانهن! تازو سنڌ حڪومت طرفان زراعت کاتي ۾ واٽر مئنيجمينٽ پروگرام ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪندڙ ملازمن کي پڪو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي،جيڪو انتهائي ساراهه جوڳو عمل آهي.جيئن ته اسان هن وقت تقريبن 3 سالن کان راڊ مين لوئر اسٽاف جي حيثيت سان مذڪوره کاتي ۾ گرمي توڙي سردي ۾ فيلڊ ۽ آفيس ۾ نهايت سٺي نموني پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهيون، پر اسين به ڪچا ملازم آهيون ۽ اسانکي هر وقت اهو خطرو رهي ٿو ته ڪٿي، حڪومت گهر ڀيڙو نه ڪري ڇڏي؟ سنڌ حڪومت طرفان کاتي جي ٻين ڪانٽريڪٽي ملازمن کي پڪو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.اسان سنڌ جي وڏي وزير ۽ زراعت کاتي جي وزير کي اپيل ٿا ڪريون ته جلد اسان کي به پڪو ڪيو وڃي ته، جيئن اسان مٿان برطرفي جي خطري واري ٽنگيل تلوار جو خوف لهي. عبدالله ڪلهوڙو /قمبر زرعي ڀاڻ جو بليڪ تي وڪرو اڃا به جاري آهي! اسان جو ملڪ بنيادي طور زرعي ملڪ آهي، ملڪي ضرورتن جو پورائو زراعت تي منحصر آهي. زراعت ملڪي معيشت لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي. جيڪڏهن زراعت جون ضرورتون پوريون نه ٿينديون ته ملڪ خساري ۾ پئجي ويندو. هتان جو آبادگار ۽ عوام بک، بدحالي جو شڪار ٿيندو. ڪجهه وقت کان، سنڌ ۾ فصلن جي خوراڪ طور استعمال ٿيندڙ زرعي ڀاڻ جي سنڌ ۾ وڏي کوٽ ٿي وئي آهي، جيڪا ايتري ته شدت اختيار ڪئي وئي آهي جو هاڻ ڀاڻ اڻلڀ ٿي ويو آهي. انهيءَ جو وڏي ۾ وڏو سبب زخيره اندوزي آهي، جيڪا ٽه طرفي ٿي رهي آهي، جنهن ۾ ڀاڻ ڪمپنيون، ڀاڻ جا ڊيلر ۽ زراعت کاتي جا ڪامورا ملوث آهن. سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ زرخيز ۽ وڌيڪ ٽيڪس ڏيندڙ ضلعي ٽنڊو الهيار ۾ اٽڪل ڇهن مهينن کان ڀاڻ جو بليڪ تي وڪرو جاري آهي ۽ اها صورتحال پوري سنڌ ۾ آهي. جنهن تي سرڪار توڙي زراعت کاتي ڪو به توجهه نه ڏنو ۽ آبادگار مسلسل پاڻ ڊيلرن هٿان لٽجندا رهيا، اخبارن ۾ خبرون اچڻ بعد ڪامورن اک پٽي ۽ شڪايتن تي ڪجهه شهرن ۾ ڇاپا لڳا، جنهن تي ذخيره اندوزن وڪرو بند ڪري بهانو بنايو ته، کين ڪمپنيون آرڊر تي ڀاڻ مهيا نٿيون ڪن. اهڙو ڪوڙ ان وقت ثابت ٿيو، جڏهن ڊي سي او، ٽنڊو الهيار جي ميٽنگ ۾ انڪشاف ٿيو ته، صرف آگسٽ مهيني ۾ ٽنڊو الهيار ضلعي کي 36000 هزار ٻوريون سپلاءِ ڪيون ويون آهن، جيڪي ڊيلرن وڏي اگهه تي ٻين شهرن جي ڊيلرن کي وڪرو ڪري ڇڏيون. ان ميٽنگ ۾ طئه ٿيو ته، ڀاڻ سرڪاري اگهه تي زراعت ۽ روينيو ڪامورن جي نگراني ۾ وڪرو ڪيو ويندو، نتيجي ۾ ڊيلرن ۽ ڪامورن جي ڳٺ ڇوڙ ٿي، جنهن ۾ پهچندڙ ڀاڻ ظاهر ته ڪيو ويو، پر ان جي مقرر ڪيل سرڪاري اگهه تي ڪو به عمل درآمد نه ٿيو. آبادگارن کي ڀاڻ جي خريداري لاءِ لائين ۾ بيهڻو ٿو پوي، ان لاءِ زراعت کاتي جي ڪامورن کان پرچي وٺڻي ٿي پئي ۽ پرچي دوران ڪامورا اهو ٿا چون ته، اگهه تي ريڙهه پيڙهه نه ڪجو يعني ڊيلرن کي منهن گهريو اگهه 850 رپيا في ٻوري تي ڏجو. اهڙي صورتحال ۾ هتان جا آبادگار گهر ٿا ڪن ته کين انصاف مهيا ڪيو وڃي. غلام محمد نانگور/ جهنڊو مري |
|
|