روزاني ڪاوش - هائيڊ پارڪ _ اڄ جي بهترين لکڻي |
|
نئين صدر جو تعلق سنڌ سان هوندو! مشرف جي استعيفا واري خبر اچڻ کانپوءِ عوام جهڙي ريت خوشيون ملهايون آهن، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، ملڪي عوام ڊڪٽيٽر شپ کان نفرت ۽ جمهوريت کي پسند ڪري ٿو. ان سان گڏوگڏ هاڻ اهو پڻ ثابت ٿي چڪو آهي، ته واقعي طاقت جو سرچشمو عوام آهي. مشرف جي ڪاري دور ۾ ملڪي عوام ۽ خاص طور سنڌ ۽ بلوچستان تمام گهڻو ڀوڳيو آهي. هڪڙي ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته اڳوڻي صدر پرويز مشرف جنهن آئين جا بکيا اڊيڙيا ۽ ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو، انهيءَ کي ايتري شاندار نموني ڇو الوداع ڪيو ويو؟ مشرف مان ڇوٽڪاري کانپوءِ هاڻي ملڪ جو نئون صدر سنڌ مان ٿيڻ گهرجي واري عوام جي ڊمانڊ پوري ٿي وئي آهي ۽ پيپلز پارٽي پنهنجي صدارتي اميدوار لاءِ آصف علي زرداري جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.جيڪو پيپلز پارٽي جو بهتر فيصلو آهي. ڇاڪاڻ ته مشرف جي مواخذي وارو فيصلو ججن جي بحالي کان پهريان ڪرڻ واري صلاح پڻ حڪمران اتحاد کي آصف علي زرداري ئي ڏني هئي. مشرف پاران استعيفيٰ ڏئي وڃڻ جو ڪريڊٽ به آصف علي زرداري ڏانهن وڃي ٿو. نواز ليگ جو سربراهه نواز شريف شروع کان وٺي ججن جي بحالي واري اڪيلي معاملي تي سياست ڪري رهيو آهي،جڏهن ته آصف علي زرداري سمورن معاملن کي نظر ۾ رکي فيصلا ڪري رهيو آهي. آصف علي زرداري جي صدرارتي اميدوار جي نالي اچڻ کانپوءِ گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي ماڻهن کي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. نور حسن سولنگي/بدين |