روزاني ڪاوش - هائيڊ پارڪ _ اڄ جي بهترين لکڻي

ججن جي بحالي وارو مسئلو ۽ صدارتي اميدوارن جي نالن جو اعلان

                پرويز مشرف صدارت واري عهدي تان استعيفيٰ ڏئي اڄڪلهه آرام ڪري رهيو آهي. سندس وڃڻ کانپوءِ هڪڙي طرف هن وقت تائين ملڪ ۾ مٺايون ورهائجي رهيون آهن ۽ ماڻهو جشن ملهائي رهيا آهن، جڏهن ته ٻئي طرف وري اسلام آباد ۾ نواز ليگ ۽ پ پ وچ ۾ ججن جي بحالي واري اشوءَ تي ڇڪتاڻ جاري آهي. نواز ليگ ۽ پ پ پ وچ ۾ معاملو اڃا تائين واضح نموني حل ٿي نه سگهيو آهي. معاملو ڪهڙو آهي؟ نواز ليگ وارا چاهين ٿا ته، سپريم ڪورٽ توڙي سڀني هاءِ ڪورٽن ۾ اهي ئي جج مقرر ڪياوڃن جيڪي 2 نومبر 2007ع تائين مقرر ٿيل هيا، جڏهن ته آيل خبرن موجب پ پ پ هن وقت تائين مائينس ون فارمولي جون ڳالهيون ڪري رهي آهي، يعني پ پ پ ٻين سڀني ججن کي بحال ڪرڻ چاهي ٿي سواءِ هڪڙي سپريم ڪورٽ جي معزول چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي. ملڪ جي سياسي تاريخ جو هيءَ انتهائي ڏکيو موڙ آهي.سالن کان هڪٻئي خلاف لابنگ ڪندڙ ۽ هڪٻئي جا پير ڪڍندڙ ٻه مکيه سياسي پارٽيون ( پ پ پ ۽ ن ليگ) هڪٻئي سان گڏ آهن ۽ اقتدار ۾ پڻ ڀاڱي ڀائيوار آهن، پر انهن جو گڏ هجڻ به ائين آهي ته نه مڪمل طور گڏ آهن ۽ نه وري ڌار. جيئن ته قومي اسيمبليءَ ۾پ پ پ جا ميمبر سڀ کان  گهڻي تعداد ۾ موجود آهن، تنهن ڪري هن وقت جيڪو به سياسي ميدان ۾ وهي واپري رهيو آهي، سو سڀ پ پ جي اشارن تي ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ن ليگ قومي اسيمبليءَ ۾ ٻئي پوزيشن هئڻ باوجود بلڪل بي وس نظر اچي رهي آهي ۽ ن ليگ وارا پنهنجا مطالبا مڃائڻ جي لاءِ بار بار ڌار ٿيڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. ٻه اڍائي مهينا اڳ به ن ليگ جي وزيرن پنهنجي وزارتن تان استعيفيٰ ڏئي پنهنجا مطالبا مڃرائڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، ۽ هاڻي به اهي ائين ئي ڪري رهيا آهن. هن وقت به ن ليگ وارن پ پ پ کي الٽيميٽم ڏنو آهي ته جيڪڏهن خميس يا جمعي تائين معزول چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري سميت سڀني معزول ججن کي بحال نٿا ڪن ته پوءِ نواز ليگ حڪومت کان ڌار ٿي ويندي. افتخار محمد چوڌري جي بحالي واري معاملي تي پ پ پ کي جيڪا ڳالهه ڌڪ رسائي سگهي ٿي، اها وڪيلن جي تحريڪ آهي، جنهن جو اڳواڻ به هنن جو پنهنجو ماڻهو اعتزاز احسن آهي. جن ماڻهن جي خواهش هئي ته ملڪ جو نئون صدر سنڌ مان ٿئي سندن اها خواهش پوري ٿي وئي آهي ۽ پيپلز پارٽي پنهنجي صدارتي اميدوار لاءِ پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي نالي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ن ليگ ۽ ڪجهه ٻيون ڌريون عطاءُ الله مينگل يا وري محمود اچڪزئي کي ملڪ جو نئون صدر ڪرڻ جو آخر تائين مطالبو ڪندو رهيون، جن مان عطاءُ الله مينگل ته هڪ بيان وسيلي صدارت جي ڪرسيءَ کي ٿڏي چڪو آهي.هن جو چوڻ آهي ته صدر ٿي، مان هن عمر ۾ پاڻ کي خوار ڪرڻ نٿو چاهيان. باقي محمود اچڪزئي کي جيڪڏهن صدارت جي ڪرسي آڇي وڃي ها ته، هو اها ڪرسي خوشي سان قبول ڪري وٺي ها.هاڻ جڏهن ملڪ ۾ نئين صدارتي اميدوارن جي نالن جو اعلان ٿي چڪو آهي ته هاڻي لڳي ٿو ته سنڌ ۾ مشرف جي استعيفا واري خبر اچڻ کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر جشن ملهايا ويندا.

مصور حسين