|
آئون معصوم آهيان،مون کي قطعي
هاٽ گرل نه سڏيو وڃي:دپيڪا
ممئي
(اين اين آءِ) بالي وڊ جي خوبصورت اداڪاره دپيڪا پوڊڪون چيو
آهي ته مون کي هاٽ گرل نه چيو وڃي، بالي ووڊ ۾ تمام جلد شهرت
ماڻيندڙ اداڪاره دپيڪا هن وقت تائين رڳو هڪ ئي فلم ”اوم شانتي
اوم“ ۾ شاهه رخ خان سان گڏ ڪريم ڪري مڃتا ماڻي آهي، جنهن بعد
کيس تمام گهڻين فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ٿي رهي آهي، دپيڪا جو تازو
ورلڊ ٽاپ هنڊريڊ هاٽ گرلز ۾ نالو شامل ڪيو ويو، جنهن سبب ماڻهن
هن کي هاٽ گرل چوڻ شروع ڪري ڏنو، جنهن کانپوءِ هن ميڊيا سان
ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته هن کي ماڻهو معصوم ۽ خاموش رهڻ واري
اداڪاره جي نالي سان سڃاڻيندا هئا پر هاڻي هاٽ گرل چيو وڃي ٿو،
جيڪو مون کي بلڪل پسند ناهي، دپيڪا چيو ته هوءَ پنهنجي فلمي
ميمبرن جي تمام گهڻو ويجهو آهي ۽ انهن سان هر مسئلو شيئر ڪندي
آهي، دپيڪا ٻڌايو ته سندس ٻي فلم ”بچنا اي حسينو“ جلد رليز ٿيڻ
واري آهي.
|