|
”اروڙ جو عروج ۽ زوال“:ڪي ٽي
اين جو ”دي رپورٽر“ اڄ آن ايئرٿيندو
سکر
(ڪلچرل رپورٽ) ڪي ٽي اين نيوز جو عوامي مسئلن جو اپٽار ڪندڙ
پروگرام ”دي رپورٽر“ اڄ آچر تي آن ايئر ٿيندو، پرڀات جي
ميزباني هيٺ اڄوڪي پروگرام ۾ ”اسپيشل سکر سيريز“ هيٺ سنڌ جي
راڄڌاني رهندڙ ڦٽل شهر اروڙ کي فوڪس ڪيو ويندو، اڄوڪي قسط ۾
محمد بن قاسم پاران تعمير ڪرايل تاريخي مسجد ۽ راجا ڏاهر جي
فرزند جئه سين پاران جوڙايل تاريخي قلعي جي آثارن، رخ مٽايل
هاڪڙي درياءُ توڙي هندو برادري جي مذهبي آستان ”ڪالڪا ماتا جي
مندر“ جي ياترا ڪرائي وئي آهي، جڏهن ته ناليواري آرڪيالاجسٽ
پروفيسر مسطور بخاري سان اروڙ تي ڪيل تحقيق جي حوالي سان ڪيل
ڳالهه ٻولهه پڻ پروگرام ۾ شامل ڪئي وئي آهي.
|