روزانه ڪاوش

اينجلينا ۽ براڊ پٽ پنهنجن جاڙن ٻارڙن جي جنم کي لڪائي ڇڏيو

نيويارڪ (ڪلچرل رپورٽ) آمريڪي اداڪاره اينجلينا جولي ۽ اداڪار براڊ پنهنجن جاڙن ٻارن جي جنم کي لڪائي رهيا آهن، چيو وڃي ٿو ته سندن ٻئي ٻارڙا هڪ فرنچ اسپتال ۾ پرورش هيٺ آهن، ذريعن نيويارڪ ڊيلي موجب ٻئي ٻارڙا ستڙيا هجڻ ڪري اداڪار جوڙو چاهي ٿو ته انهن ٻارڙن کي ٿورو وڏو ۽ صحتمند ٿيڻ بعد منظر عام تي آندو وڃي.