روزانه ڪاوش

ٺٽي ضلعي ۾ بدامني جو راڄ:ڌاڙيلن جون 2 فارمن تي ڪاهون:11 ڄڻا اغوا:10 آزاد

ٺٽو(رپورٽ: عثمان ميمڻ) سنڌ جي اڳوڻي راڄڌاني واري شهر ٺٽي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن ڪيلن جي 2 فارمن تي ڪاهون ڪري ڪيلي جي ٺيڪيدار سميت 11 ڄڻن کي اغوا ڪري ويا، جن مان 10 ڄڻن کي ڌاڙيلن آزاد ڪري ڇڏيو، رپورٽ موجب ڌاڙيلن جي ٽولي کتر کان 15 ڪلوميٽر پري شاهه لونڪو ٻيلي ۾ ڪيلي جي واپاري فياض پنجابي جي اوطاق تي چڙهائي ڪري 8 ڄڻن کي کنڀي ورتو، ڌاڙيلن جي ساڳئي ٽولي بعد ۾ ڪيلي جي ٺيڪيدار اڪرم خليل جي فارم تي چڙهائي ڪري سندس غيرموجودگي ۾ فارم تي ڪم ڪندڙ 3 ڄڻن کي اغوا ڪري ورتو، ڌاڙيل ٺيڪيدار فياض احمد آرائين، اظهار ملاح، محمدخان خاصخيلي، عزيز ملاح سميت 11 ڄڻا کنڀي کڻي ويا، ڌاڙيلن يرغمالين کي مارڪٽ بعد سنڌو درياءَ وٽ ڇڏي باقي هڪ ڄڻي ڪيلي جي واپاري فياض پنجابي کي پاڻ سان گڏ وٺي سنڌو درياءَ ٽپي فرار ٿي ويا، اطلاع ملڻ تي ٺٽي جو انچارج ڊي پي او فدا حسين مستوئي ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس سان گڏ ڌاڙيلن پويان روانو ٿي ويو، ڪاوش پاران رابطو ڪرڻ تي ڊي پي او ٻڌايو ته پوليس پاران ٻيلن جو گهيراءُ ڪرڻ سبب 7 ڌاڙيلن 11 مان 10 يرغمالين کي ڇڏي ڏنو آهي، هن ٻڌايو ته پوليس شاهه لونڪو ٻيلو، ٻائو پورن داس ٻيلي سوڌو سنڌو درياءَ جي ٻنهي ڪنارن وارن ٻيلن جو ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي،  ٻئي طرف پوليس ذريعن جو چوڻ هو ته اها واردات ڌاڙيل عدلو سومرو جي ٽولي ڪئي آهي، اهڙي واردات جو اطلاع ملڻ بعد ٺٽي، بدين، ٽنڊي محمد خان ۽ حيدرآباد پوليس کي الرٽ ڪيو ويو هو، واضح رهي ته ٺٽي ضلعي ۾ ويجهي ماضي ۾هڪ ئي ڏينهن ۾ 11 ڄڻن کي اغوا ڪرڻ جي هي پهرين واردات ٿي هئي.