|
سکر ۾ هٿياربندن جي گهر تي قبضي جي ڪوشش، تشدد ۾ 6 ڄڻا زخمي
سکر
(بيورو رپورٽ) سکر جي نئين پنڊ واري علائقي ۾ جڳهه تي زبردستي
قبضو ڪرڻ جي ڪوشش دوران 8 هٿياربندن ماءُ، ٻن نياڻين، هڪ ننهن
۽ ٻن پٽن کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي هٿياربند
فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، خبر موجب ڪالهه نئين پنڊ، ڀوسالائين،
گول ٽڪري واري علائقي ۾ رهندڙ هڪ عورت مسمات نسرين پٺاڻ پنهنجن
نياڻين سان گڏ سکر پريس ڪلب ۾ اچي دانهيو ته جمعي ۽ ڇنڇر جي وچ
واري رات جو دير سان سکر جي دادو چوڪ تي رهندڙ شمس، پپو ۽ 6
ٻيا هٿياربند سندن گهر ۾ ڀت ٽپي داخل ٿيا ۽ اسان کي گهر خالي
ڪرڻ لاءِ چيو، انڪار ڪرڻ تي هٿياربندن مون کي، منهنجن نياڻين
روبيا، حميدان ۽ ننهن آرزو ۽ پٽن شڪيل ۽ احمد کي سخت تشدد جو
نشانو بڻايو، اسان جي دانهن تي ڀرپاسي ۾ رهندڙ ماڻهو ٻاهر نڪري
گهٽي ۾ گڏ ٿي ويا ته هٿياربند هوائي فائرنگ ڪندا اسان کي گهر
خالي ڪرڻ جو چئي فرار ٿي ويا، هن چيو ته اسان جي زندگين کي
خطرو آهي، اسان حد جي پوليس کي اطلاع ڏنو آهي پر اسان جو ڪيس
داخل نه ڪيو ويو آهي، هن پوليس جي اعلى عملدارن کي اپيل ڪئي ته
ان واقعي جي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. |