روزانه ڪاوش

ڄامشورو لڳ سپرهاءِ وي تي روڊ حادثا،4 ڄڻا فوت،9 زخمي

ڄامشورو (ن ڪ ) ڄامشورو لڳ سپر هاءِ وي تي روڊ حادثا، 4 فوت، 9 زخمي، نوري آباد جي دادا ڀائي چاڙهي وٽ حيدرآباد کان ڪراچي ويندڙ سوزوڪي اڳيان ويندڙ ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، نتيجي ۾ سوزوڪي ۾ سوار هڪ نوجوان ذوالفقار احمد فوت ٿي ويو ۽ 6 ڄڻا جهانگير احمد، سعيد خان، عدنان احمد، محمد زبير، خرم الدين۽ عرفان علي زخمي ٿي پيا، جڏهن ته نوري آباد وٽ تيز رفتار ڪار روڊ ڪراس ڪندڙ نينگر 13 ورهين جي صادق پنجابي کي ٽڪر هڻي ٿڏي تي ماري وڌو،  لوڻي ڪوٽ جي نئين باران واري پل وٽ تيز رفتار ڪار جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب موٽر سائيڪل تي سوار 3 پوليس اهلڪار  عطا حسين سولنگي، محمد رفيق ۽ رمضان چارڻ سخت زخمي ٿي پيا، هوڏانهن  نوري آباد  جي صنعتي علائقي جي سامهون ٽرالر جو ٽائر تبديل ڪرڻ دوران جيڪ نڪرڻ جي نتيجي ۾ ٽائر هيٺان دٻجڻ سبب ڊرائيور محمد صديق ٿڏي تي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو، ٻئي طرف لوڻي ڪوٽ وٽ خراب بيٺل ٽرالر سان آئل ٽينڪر جي ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٽرالر ڊرائيور بهادر خان ٿڏي فوت ٿي ويو، فوتين ۽ زخمين کي ايل ايم يو اسپتال ڄامشورو ۽ حيدرآباد سول اسپتال آندو ويو، جتان فوتين جا لاش سندن وارث کڻائي ويا .