روزانه ڪاوش

شهدادپور لڳ نوجوان گهٽا ڏئي قتل،ٻوڙن مان لاش مليو

شهدادپور (ن ڪ) شهدادپور ۾ جٽيا ڳوٺ جي بوداڻي ڪالوني مان 23 سالن جي نوجوان محمد قاسم بيگ جو لاش هٿ آيو آهي، بوداڻي ڪالوني ۾ گوپانگن جي گهر ٻاهران ديوين جي ٻوڙن ۾ پيل لاش کي راند ڪندڙ ٻارن ڏسي پاڙي وارن کي ٻڌايو،  جن ٿاڻي تي اطلاع ڪيو، پوليس جاءِ واردات تي پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال آندو، لاش کي ڏسندڙن موجب نوجوان کي گهٽو ڏنل ۽ ڪنهن وزندار شيءِ سان منهن تي ۽ نازڪ عضوي تي ڌڪ لڳل آهن، نوجوان جي سڃاڻپ قاسم بيگ طور ٿي، جنهن بعد مقتول جي پيءُ رفيق بيگ صحافين کي ٻڌايو ته منهنجو پٽ ڪيلي جي واپاري وٽ پورهيو ڪندو هو، اسان جي ڪنهن سان به دشمني نه آهي، بيدردي سان قتل ٿيل نوجوان بابت معلوم ٿيو آهي ته رمضان شريف ۾ اعتڪاف ۾ پڻ ويٺو هو.