روزانه ڪاوش

ڇتر ۾ پراڻي تڪرار تان نوجوان قتل

ڊيرا مراد جمالي (ن ڪ) ڊيرا مراد جمالي لڳ پراڻي تڪرار تان نوجوان قتل، ڇتر واري علائقي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان نور محمد بگٽي کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس پهچي لاش اسپتال آڻي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي  ڪري ڇڏيو، مقتول جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، واقعي جو ڪارڻ پراڻو تڪرار ڄاڻائي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.