روزانه ڪاوش

غوثپور ۾ رڪشا ۽ ٽريڪٽر ۾ ٽڪر، نينگر فوت،عورت ۽ 2 ٻار زخمي

غوثپور (ن ڪ) غوثپور بس اسٽاپ تي رڪشا ۽ ٽريڪٽر ۾ ٽڪر ٿي پيو،  جنهن جي نتيجي ۾ چئن ورهين جو معصوم شڪيل اوڳاهي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٻن ٻارن احمد ۽ گل سميت مسمات مومل زخمي ٿي پئي، جنهن کي نازڪ حالت ۾ صادق آباد اسپتال ۾ نيو ويو آهي، حادثي بعد پوليس ٽريڪٽر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڊرائيور فرار ٿي ويو.