|
روزانه ڪاوش |
|
ڪينجهر لڳ پولٽري فارم تي ستل نوجوان اغوا ٺٽو(ن ڪ) ڪينجهر لڳ ڳوٺ عبدالله گندرو وٽ 8 ڌاڙيلن هلان ڪري هڪ پولٽري فارم ۾ ستل فارم مالڪ ربڏنو ملاح ۽ سندس ٻن پٽن امجد ملاح ۽ آصف کي اغوا ڪري ويا جن مان ٻن ڄڻن کي بعد ۾ آزاد ڪري ڌاڙيل نوجوان آصف ملاح کي اغوا ڪري کڏي ٻيلي طرف کڻي ويا، آزاد ٿيل پيءُ ۽ پٽ ڳوٺ پهچڻ کانپوءِ پوليس کي ٻڌايو ته ڌاڙيلن اغوا بعد کين سخت تشدد ڪيو ۽ کين پوليس کي نه ٻڌائڻ جون ڌمڪيون ڏئي آصف کي پاڻ سان گڏ کڻي ويا، هوڏانهن معلوم ٿيو آهي ته ڌاڙيلن جو تعلق بدنام ڌاڙيل عدلو سومرو جي ٽولي سان آهي. |