|
روزانه ڪاوش |
|
سانگهڙ ۾ 85 ڪاٽن فيڪٽريون بند،10 هزار پورهيت بيروزگار،سڄي سنڌ ۾ 5 آگسٽ کان هڙتال جو امڪان سکر/سانگهڙ/ڀرياسٽي(نمائندن وٽان) حڪومت پاران بجيٽ ۾ ڪاٽن فيڪٽرين تي نوان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ، ڪاٽن ايڪسپورٽ پاليسي سميت فيڪٽري مالڪن سان ڪيل معاهدن تي عمل نه ڪرڻ خلاف سانگهڙ ۾ فيڪٽري مالڪن 85 فيڪٽريون بند ڪري ڇڏيون، جنهن ڪري 10 هزار پورهيت بيروزگار ٿي ويا، پنجاب ۾ ڪارخاني مالڪن هڙتال شروع ڪري ڇڏي، سڄي سنڌ ۾ 5 آگسٽ کان هڙتال جو امڪان، سانگهڙ ضلعي جي 85 ڪاٽن فيڪٽرين جي مالڪن فيڪٽريون احتجاجن بند ڪري ڇڏيون آهن، جنهن سبب ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ 10 هزار کان وڌيڪ مزدور بيروزگار ٿي ويا، جڏهن ته ڪپهه جا آبادگار ۽ واپاري سخت پريشان آهن، ٻئي طرف برسات جي موسم ۾ ڦٽين سان ڀريل ڪيتريون ئي ٽرڪون ڪاٽن فيڪٽرين ٻاهران بيٺل نظر آيون، هوڏانهن پاڪستان ڪاٽن ۽ جنرز فيڪٽريز اونرز ايسوسيئيشن جو هڪ اجلاس 28 جولاءِ تي ملتان ۾ ايسوسيئيشن جي مرڪزي صدر محمد اڪرم جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ وفاقي سرڪار، واپار واري وزارت، ٽيڪسٽائيل واري وفاقي وزارت ۽ ايف بي آر کي مطالبا مڃڻ لاءِ ٽن ڏينهن جي ڊيڊ لائين ڏني وئي پر وفاقي سرڪار جي ڪنهن به اداري ان جو نوٽيس نه ورتو، جنهن بعد پهرين اگسٽ کان پنجاب ۾ جنرز ۽ ڪاٽن فيڪٽرين جي مالڪن هڙتال ڪري ڇڏي آهي، ، ان سلسلي ۾ اڄ حيدرآباد جي جيمخاني ۾ سنڌ جي ڪاٽن ۽ جنرز فيڪٽريز جي مالڪن جو اجلاس منجهند جو ٿيندو، جنهن جي صدارت مرڪزي صدر محمد اڪرم ڪندو، شهروفيروز ضلعي جي ڪاٽن فيڪٽرين جي مالڪن 24 ڪلاڪن اندر فيڪٽريون بند ڪرڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ نوشهروفيروز ڪاٽن جنرز ايسوسيئيشن جي گڏجاڻي ڀرياسٽي ۾ ٿي گذري، نوشهروفيروز ڪاٽن جنرز جي وائيس چيئرمين سيٺ پريم چند ڪوهستاني چيو ته بجلي جي باربار ٽرپنگ سبب اسان جو نقصان ٿئي ٿو، هن چيو ته مطالبا نه مڃيا ويا ته جننگ فيڪٽريون نه هلائينداسين.
|