روزانه ڪاوش

سانگهڙ ۾ ملاحن جي احتجاج بعد مڇي مارڻ تي هنيل پابندي ختم،گرفتار ملاح آزاد،جشن،جهمريون

سانگهڙ(ن ڪ) سانگهڙ ۾ ملاحن جي احتجاج بعد مڇي مارڻ تي هنيل پابندي ختم ڪري گرفتار ملاح آزاد ڪيا ويا، چوٽياريون ڊيم جي چوڌاري قائم ڪيل پوليس پڪٽون ختم، ملاحن  جو جشن، جمهريون، رپورٽ موجب گذريل ڏينهن فشر فورڪ فورم پاران ملاحن جي گرفتاري،پ پ اڳواڻ ۽ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف سخت احتجاج بعد ڪالهه چوٽياريون پوليس  گرفتار ملاحن رمضان، غلام قادر ۽ ٻين کي آزاد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته مٺي پاڻي مان مڇي مارڻ تي هنيل غيرقانوني پابندي ختم ڪري ملاحن کي مڇي مارڻ جي اجازت ڏني وئي، چوٽياريون ڊيم تي قائم پوليس پڪٽون به ختم ڪيون ويون آهن، جنهن بعد ڪالهه ملاحن مڇي ماري ۽ پابندي ختم ٿيڻ جي خوشي ۾ ريلي ڪڍي جشن ملهايو ۽ دهل ۽ شرنائين تي جمهريون هنيون، ان سلسلي ۾فشر فوڪ فورم جي مرڪزي صدر سيد محمد علي شاهه ٻڌايو ته پوليس چوڪيون ختم ٿيڻ بعد چوٽياريون ڊيم تي مقرر خانگي هٿياربند به فرار ٿي ويا آهن، هن چيو ته اسان جي حقن جي حاصلات واري جدوجهد ختم ناهي ٿي، هن گهر ڪئي ته ملاحن تي داخل ڪوڙن ڪيسن جي عدالتي جاچ ڪرائي ملوث پوليس عملدارن تي ڪيس داخل ڪيا وڃن، جن ملاحن کي ذهني ۽ جسماني تشدد جو نشانو بڻايو، ٻئي طرف آزاد ٿيل ملاحن رمضان ۽ غلام قادر ٻڌايو ته پوليس بيگناهه گرفتار ڪري مختلف ٿاڻن تي رکيو.