|
روزانه ڪاوش |
|
پ پ جڏهن به اقتدار ۾ ايندي آهي ته ان خلاف سازشون ٿينديون آهن:مهرين ڀٽو خيرپور (ن ڪ) صحت بابت وفاقي پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر مهرين ڀٽو چيو آهي ته پ پ جڏهن به اقتدار ۾ ايندي آهي ته ان خلاف سازشون ٿينديون آهن، ڪڏهن سازشي عناصر مارڪيٽ مان اٽو غائب ڪري ڇڏيندا آهن ته ڪڏهن ڪا ٻي شيءِ، سرڪٽ هائوس خيرپور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته اڳوڻي حڪومت پنهنجن 11 سالن جي دور ۾ ڪا به پلاننگ نه ڪئي، جنهن ڪري بحرانن منهن ڪڍيو، بغير پلاننگ جي هڪ ڪٽنب به هلي نه ٿو سگهي ته ملڪ ڪيئن هلي سگهندو، هن چيو ته بيروزگار نوجوانن کي يوٿ پروگرام تحت روزگار فراهم ڪيو ويندو، هن چيو ته هو صنعت جي وزير سان ملاقات ڪري خيرپور ضلعي ۾ سيمينٽ جو ڪارخانو لڳرائيندي ۽ وڏي وزير جي مدد سان خيرپور ۾ ٻيا به صنعتي يونٽ قائم ڪيا ويندا، هن چيو ته سنڌ جي هر هڪ ضلعي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي چڪاس جو سينٽر قائم ڪيو ويندو ته جيئن هيپاٽائيٽس بي ۽ سي جي بيمارين تي ڪنٽرول ڪري سگهجي، هن چيو ته پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي اڳواڻي ۾ پ پ متحد آهي ۽ جدوجهد ڪري رهي آهي، ان کان اڳ پ پ ايم اين اي مهرين ڀٽو جي وفاقي پارلياماني سيڪريٽري ٿيڻ بعد خيرپور پهچڻ تي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو. |