|
ڳڙهي ياسين
لڳ جهيڙو،همراهه قتل،لاش آڻيندڙ ايمبولينس تي حملو،انسپيڪٽر
شهيد،مقتول جي ماسي به مارجي وئي
شڪارپور/ڳڙهي
ياسين (رپورٽ: زاهد نون/اسلم سومرو) ڳڙهي ياسين ويجهو جتوئي
برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل، لاش
کڻي ايندڙ ايمبولينس تي حملو، مقتول جي ماسي مارجي وئي، ايس
ايڇ او شهيد، عورت ۽ ڊرائيور زخمي، خبر موجب ڪالهه ڪرن ٿاڻي جي
حد ۾ بلاول واهه ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين نورالدين ۽ ارباب
علي تڙت جتوئي ۾ زخمين جي پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن
۾ فائرنگ شروع ٿي وئي، جنهن ۾ هڪ ڄڻو محمد عيوض ولد نور الدين
جتوئي قتل ٿي ويو، ڪرن ٿاڻي جي پوليس لاش کڻائي شڪارپور جي سول
اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد شڪارپور جي اسپتال جي
ايمبولينس ۾ کڻائي واپس اچي رهي هئي ته مقتول جي مخالف ڌر وارن
واٽ تي ايمبولينس کي گهيري ورتو ۽ ان ۾ ويٺل فوتي جي ماسي
مسمات راضڪي ۽ چاچي مسمات بٽول کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي ته ايس ايڇ
او ڪرن شريف برڪت علي چنو عورتن اڳيان پوليس جي پرواهه نه ڪندي
ايس ايڇ او سميت ايمبولينس ۾ ويٺل عورتن ۽ لاش مٿان هٿيارن جا
منهن کولي ڇڏيا، جنهن ۾ ايس ايڇ او برڪت علي چنو، مقتول جي
ماسي مسمات راضڪي جتوئي موقعي تي قتل ٿي ويا، جڏهن ته مقتول جي
چاچي مسمات بٽول جتوئي ۽ پوليس موبائيل جو ڊرائيور ڪريم بش ڀيو
گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا، جنهن کانپوءِ پوليس ۽
جوابدارن ۾ فائرنگ جو سلسلو شروع ٿي ويو، اهڙي واقعي جو اطلاع
انچارج ڊي پي او شڪارپور يونس چانڊيو ۽ ايس پي جاچ شڪارپور
قيوم پتافي کي ڏنو ويو، جيڪي 15 کان مٿي ٿاڻن جي پوليس سان گڏ
واقعي واري هنڌ پهتا ۽ مقابلي ۾ حصو ورتو، گولين لڳڻ سبب سول
اسپتال جي ايمبولينس کي به نقصان پهتو، بعد ۾ هٿياربند جي زخمي
ٿيڻ جو به اطلاع آهي، جنهن کانپوءِ پوليس شهيد ٿيل ايس ايڇ او
برڪت چنو، مسمات راضڪي ۽ زخمي ٿيل موبائيل ڊرائيور جمعدار ڪريم
بخش ڀيو ۽ فوتي عرض محمد جي چاچي بٽو جتوئي کي اسپتال شڪارپور
کڻي آئي، جتي شهيد ٿيل ايس ايڇ او برڪت چنو جي لاش کي پوسٽ
مارٽم بعد شڪارپور جي پوليس لائين جي گرائونڊ ۾ آندو ويو ۽ اتي
کيس سلامي ڏني وئي، جڏهن ته مقتول عرض محمد ۽ سندس ماسي مسمات
راضڪي جا لاش سخت پهري هيٺ ڳوٺ بلاول واهه موڪليا ويا، جڏهن ته
زخمي ٿيل ڪريم بخش ڀيو ۽ مسمات بٽول جو آپريشن ڪري گوليون ڪڍي
اتي ئي داخل ڪيو ويو، هوڏانهن مقابلي بعد حملو ڪندڙ هٿياربند
فائرنگ ڪندا واقعي واري هنڌان فرار ٿي ويا، واقعي سبب سڄي
علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو ۽ ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي، هوڏانهن ڊي
پي او شڪارپور جي آَفيس ۾ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جي صدارت ۾ پوليس
عملدارن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ سڄي صورتحال جو جائزو ورتو ويو،
ٻئي طرف شهيد ايس ايڇ او برڪت چنو جو لاش سندس اباڻي ڳوٺ نصير
آباد اماڻيو ويو.
|