سانگهڙ کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

قمبر لڳ وحشي جوابدارن نينگر سان بدفعلي بعد کيس جهنگ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو

قمبر(ن ڪ) قمبر لڳ ڳوٺ حاصلا جي رهواسي ۽ لاڙڪاڻي ۾ جوس جي دڪان تي مزدوري ڪندڙ 12 سالن جي يتيم نينگر حمير حسين ڪنڀر کي وحشي صفت جوابدار ڳوٺ ٻاهران ويران جڳهه ۾ وٺي شربت ۾ نشي آور دوا پياري بيهوشي بعد پنهنجي جنسي حوس جو نشانو بڻائي کيس رتورت ڪري نيم بيهوشي جي حالت ۾ جهنگ ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا، جنهن کانپوءِ نينگر کي سندس ڀاءُ انور ڪنڀر واقعي واري هنڌ تان کڻائي مهي مڪول ٿاڻي تي آندو، جتان ميڊيڪل ليٽر بعد کيس علاج لاءِ قمبر سول اسپتال نيو ويو، ٻئي پاسي مهي مڪول ٿاڻي تي متاثر نينگر جي ڀاءُ انور ڪنڀر واقعي جو ڪيس 4 جوابدارن نادر ڪنڀر، رياض حاصلو، اربيلو حاصلو ۽ حبدار حاصلو مٿان داخل ڪرايو آهي، پوليس ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدارن مان هڪ جوابدار نادر ڪنڀر کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ان سلسلي ۾ انور ڪنڀر ٻڌايو ته منهنجي ڀاءُ کي سئوٽ نادر ڪنڀر ٻين سان گڏجي گهران وٺي وڃي زيادتي جو نشانو بڻائي جهنگ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو، هن مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان کي انصاف ڏنو وڃي.