|
سکر ۾ 2
معصوم نينگريون رائيس ڪئنال ۾ ڪري پيون،هڪ ٻڏي فوت
سکر(بيورو رپورٽ) ڪالهه سکر جي رائيس ڪئنال جي ڪپ تي ويٺل چنا
برادري جون 2معصوم ٻارڙيون 7 سالن جي نسرين ۽ 4 سالن جي رمشا
ڪئنال جي ڪپ تي راند کيڏندي واهه ۾ وڃي ڪريون ۽ ٻڏڻ لڳيون ته
هڪ ٻارڙي رمشا کي ماڻهن ٻڏڻ کان بچائي ورتو، جڏهن ته 7 سالن جي
نسرين ڌيءُ وحيد چنو ٻڏي وئي، سندس لاش ڪالهه شام تائين هٿ نه
اچي سگهيو هو ۽ واهه جي ڪپ تي وارث شام تائين بيٺل هئا، ٽوٻن
ذريعي ٻارڙي جو لاش ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي، فوت ٿي ويل
ٻارڙي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ رفيق چنو جي ڀائيٽي آهي.
|