سانگهڙ کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

وائيس چانسلرس ڪاميٽي طرفان يونيورسٽين جي وسيلن مان 30 سيڪڙو ڪٽوتي جي مخالفت

ڄامشورو (پ ر) سنڌ جي يونيورسٽين جي سالياني بجيٽ ۽ ترقياتي پراجيڪٽس جي مالي وسيلن جي 30 سيڪڙو ڪٽوتي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي وائيس چانسلرس ڪاميٽي مداخلت لاءِ وزيراعظم پاڪستان، وزيراعلى سنڌ، گورنر ۽ سنڌ جي يونيورسٽين جي چانسلر ۽ پروچانسلر کي اپيل ڪئي آهي ته يونيورسٽين جي مالي وسيلن جي ڪٽوئي روڪرائي گهربل مالي وسيلا مهيا ڪرڻ لاءِ مدد ڪن. اهڙي رٿ سنڌ جي يونيورسٽين جي وائيس چانسلرس جي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ پاس ڪئي وئي، اجلاس جي ميزباني سنڌ يونيورسٽي جي ميزباني ۾ ٿيو، اجلاس ۾ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر مظهرالحق صديقي، اين اي ڊي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر انجنيئر ابوالڪلام، ڪراچي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر پيرزادو قاسم رضا صديقي، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر بشير احمد شيخ، لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل ۽ هيلٿ سائنسز جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر نوشاد احمد شيخ، مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقدير خان راجپوت، قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر واحد بخش سومرو، پرووائيس چانسلر ڊاڪٽر رفيعه احمد شيخ ۽ رجسٽرار محمد صالح راڄڙ شرڪت ڪئي، اجلاس ۾  مالي وسيلن جي ڪٽوتي جي مخالفت ڪندي چيو ويو ته پگهارن ۾ 20 سيڪڙو واڌ سبب يونيورسٽين جي مالي وسيلن ۾ به واڌ ڪئي وڃي.