|
ڀٽ شاهه مان هفتو اڳ اغوا ٿيل عورت کي پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ناڪام هالا (ن ڪ) ڀٽ شاهه مان هفتو اڳ مبينا طور اغوا ٿيل عورت فرزانه زال نبي بخش جو پتو پئجي نه سگهيو آهي، جڏهن ته اغوا ڄاڻايل عورت کي هٿ ڪرڻ لاءِ جاچ پوليس ڀٽ شاهه ٽنڊو آدم ۽ مختلف جاين تي ڇاپا هنيا پر عورت کي هٿ ڪرڻ توڙي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي، واضح رهي ته عورت جي مڙس ڀٽ شاهه ٿاڻي تي 8 جوابدارن خلاف زال جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو آهي.
|