|
ٺاروشاهه پوليس جو نوجوان تي وحشياڻو تشدد،بيهوش،وارثن جو مظاهرو ڀرياسٽي/ٺاروشاهه(نمائندن وٽان) ٺاروشاهه پوليس پاران ڳوٺ رمضان ڏاهري جي رهواسي نوجوان هاري ممتاز ڏاهري کي بااثر جي چوڻ تي چوري الزام هيٺ گرفتار ڪري ٿاڻي اندر وحشياڻو تشدد ڪري کيس بيهوش ڪري ڇڏيو ۽ کيس ٺاروشاهه اسپتال ۾ داخل ڪرايو، واقعي جو ٻڌي وڏي تعداد ۾ شهري اسپتال ۾ گڏ ٿي ويا، ان دوران نوجوان جي وارثن محمد يوسف ڏاهري، شاهد سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسپتال آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي متاثر هاري جي پيءُ محمد يوسف ٻڌايو ته پوليس زميندار جي ونگار وهڻ لاءِ منهنجي پٽ تي بيگناهه پاڻي جي موٽر چوري جو ڪيس داخل ڪري سخت تشدد ڪيو آهي، انصاف ڏنو وڃي. هوڏانهن ٺاروشاهه اسپتال جي ڊاڪٽر نظير سومرو ٻڌايو ته نوجوان کي پيٽ ۾ شديد سور هو، پوليس علاج لاءِ آئي.
|