سانگهڙ کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ |
|
مٽياري:بلڊنگس کاتي جو انجنيئر بجلي تارون چورائڻ جي الزام هيٺ گرفتار هالا (ن ڪ) مٽياري پوليس بلڊنگس کاتي جي سب انجنيئر ڪانڊيرو ڳهيلو کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس موجب مقامي بااثر شخصيت ڄاڻايل سب انجنيئر سميت ٽن ڄڻن خلاف بجلي جون تارون چوري ڪرڻ جي الزام هيٺ درخواست ڏني هئي جنهن تي ڪارروائي ڪري ڄاڻايل سب انجنيئر کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي خلاف ڪا به ايف آءِ آر داخل ناهي ٿي، هوڏانهن ڊي سي او مٽياري بقاءُالله انڙ بنا ايف آءِ آر جي سب انجنيئر جي گرفتاري جو نوٽيس وٺي ڊي پي او سميت ٻين عملدارن سان رابطو ڪيو، ٻئي طرف ڊي او بلڊنگس بچل ميمڻ ٻڌايو ته سب انجنيئر جي گرفتاري بابت اطلاع مليو آهي جنهن بابت ڄاڻ معلوم ڪرڻ بعد لاڳاپيل اختيارين ڏانهن تحريري طور ليٽر اماڻيا ويندا.
|