|
روزانه ڪاوش |
|
گولاڙچي جي تعلقي ناظم کي سندس غيرموجودگي ۾ هٽايو ويو گولاڙچي(ن ڪ) تعلقي ڪائونسل گولاڙچي جي موڪل تي ويل ناظم کي نوٽيس بدران اخبار ۾ اشتهار ذريعي آگاهه ڪري سندس غيرموجودگي ۾ بي اعتمادي جي رٿ ذريعي هٽايو ويو، ناطم پاران عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان، ان ڏس ۾ ڪالهه تعلقي ڪائونسل گولاڙچي جو اجلاس ڪنوينر اسلم آرائين جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ 13 مان 11 ميمبرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ غلام رسول جت پاران(ن) ليگ سان لاڳاپيل تعلقي ناظم اسلم راهو خلاف پيش ڪيل بي اعتمادي رٿ تي بحث لاءِ چيو ويو ته 9 ميمبرن هڪ لفظ به نه ڪڇيو، جڏهن ته رٿ پيش ڪندڙ ۽ ان جي تائيد ڪندڙ الزام هنيا ته تعلقي ناظم ٻنهي دورن ۾ پنهنجن کي نوازيو آهي ۽ غيرقانوني ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، جنهن بعد ڪنوينر بي اعتمادي ظاهر ڪرڻ لاءِ ميمبرن کي هٿ مٿي ڪرڻ جو چيو ته سمورن ميمبرن خاموشي سان هٿ مٿي ڪري کيس هٽائي ڇڏيو، جنهن بعد اجلاس ملتوي ڪيو ويو، هوڏانهن تعلقي ناظم اسلم راهو صحافين پاران رابطو ڪرڻ تي چيو ته مان موڪل تي آهيان، اجلاس بابت ڪو به نوٽيس ناهي مليو، جڏهن ته اخبار ۾ اشتهارڏئي اجلاس واري ڏينهن ئي آگاهه ڪيو ويو، جيڪو اشتهار مون نه پڙهيو ۽ اهڙي غيرقانوني طور آگاهه ڪرڻ ۽ هٽائڻ خلاف آئون عدالت ۾ ويندس.
|