روزانه ڪاوش

سکر لڳ اوطاق تي ستل همراهه هٿياربندن هٿان قتل

سکر/روهڙي/صالح پٽ (نمائندن وٽان) سکر ڀرسان سنگرار شهر ۾ گهر ٻاهران اوطاق تي ستل همراهه اشتياق شاهه کي هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته نوجوان شاهد اقبال زخمي ٿي پيو، جنهن بعد هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، پوليس لاش پوسٽ مارٽم لاءِ روهڙي اسپتال آندو، جتي ڊاڪٽر نه هجڻ سبب لاش 10 ڪلاڪ اسپتال ۾ پيل رهيو، بعد ۾ پوسٽ مارٽم ڪري وارثن حوالي ڪيو ويو، هوڏانهن سنگرار ٿاڻي تي مقتول جي ڀاءُ منور شاهه جي فرياد تي فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ زاهد حسين شاهه ۽ 4 نامعلوم جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته زمين جي معاملي تان زاهد شاهه ڏمريل هو ۽ هن ڌمڪيون ڏنيون هيون، هوڏانهن مقتول جو لاش سندس اباڻي شهر فيصل آباد نيو ويو، جڏهن ته ڪا به گرفتاري نه ٿي سگهي هئي.