روزانه ڪاوش

مهانگائي،بيروزگاري ۽ جج بحال نه ڪرڻ خلاف عوامي تحريڪ جا مظاهرا

حيدرآباد/سيتا روڊ ( پ ر/ن ڪ) مهانگائي، لاقانونيت، ججن کي بحال نه ڪرڻ، بيروزگاري، پاڻي جي کوٽ ۽ ٿر جو ڪوئلو وفاق حوالي ڪرڻ خلاف ڪالهه ڇهين ڏينهن به عوامي تحريڪ پاران احتجاج ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ ٽنڊي محمد خان ۾ هرچند لال، منجي مل ۽ ڊاڪٽر مشتاق شورو جي اڳواڻي ۾ مهراڻ چوڪ کان پريس ڪلب تائين مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد ۾ نسيم نگر چوڪ تي جاويد ڀٽي، ارباب جنجهه ۽ جاويد راڄپر جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن مظاهرو ڪري بک هڙتال ڪئي، جتي اٽي جا اگهه گهٽ ڪريو ۽ مهانگائي ذريعي ماڻهو مارڻ بند ڪريو جا نعرا هنيا ويا، چلهيار ۾ ميوي ۽ ٽالهي ۾ عبدالرحمان ۽ شيوڪ جي اڳواڻي ۾ مظاهرا ڪيا ويا، سيتا روڊ ۾ حيدر ملاح ۽ اظهر ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ريلوي ڦاٽڪ چوڪ تي مظاهرو ڪري ڪارڪنن ڌرڻو هنيو، هوڏانهن عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ حڪيم زنگيجي، وشنو مل ۽ قادر رانٽي  بيان ۾ چيو آهي ته  ملڪي عوام کي مهانگائي، لاقانونيت ۽ بيروزگاري جي نه کٽندڙ اونڌاهي رات ۾ ڦاسايو ويو آهي، جنهن ڪري ملڪ خانه جنگي ۾ ڦاسي پيو آهي ۽ عوام خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهي.