روزانه ڪاوش

سوڀوديرو پوليس جي مبينا تشدد ۾ نوجوان فوت،وارثن جولاش رکي ڌرڻو

سوڀوديرو (ن ڪ) سوڀوديرو ۾ پوليس جي مبينا طور تي تشدد جو شڪار ٿيل نوجوان 15 ڏينهن بعد اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، وارثن لاش رکي ڌرڻو هنيو، ڳوٺ واحد بخش ناريجو جي رهواسين نوجوان شاهنواز ناريجو جو لاش سوڀوديرو-گمبٽ روڊ تي ٺٽي اسٽاپ وٽ رکي ڌرڻو هنيو، وارثن لعل بخش ۽ علي گوهر ناريجو الزام هنيو ته بااثر ماڻهو جي چوڻ تي سوڀوديرو پوليس 15 ڏينهن اڳ شاهنواز ناريجو کي پڪڙي تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن سبب هن جي حالت خراب ٿي وئي، اسان کيس علاج لاءِ لاڙڪاڻو اسپتال ۾ داخل ڪرايو، جتي هو ڪالهه فوت ٿي ويو، هنن چيو ته شاهنواز جو قتل ڪيس بااثر ماڻهو ۽ پوليس خلاف داخل ڪرائڻ لاءِ هاءِ ڪورٽ ۾ وينداسين، ٻئي طرف ايس ايڇ او سوڀوديرو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نه اسان شاهنواز مٿان تشدد ڪيو آهي نه ئي کيس گرفتار ڪيو هو، اسان مٿان الزام ڪوڙا ۽ بي بنياد آهن، هن چيو ته اسان کي معلوم ٿيو آهي ته نوجوان هيپاٽائٽس جو مريض هو، ٻئي پاسي الزام هيٺ آيل بااثر ماڻهومريد ناريجو ٻڌايو ته 3 سال اڳ شاهنواز جي ڀائرن منهنجي ڀاءُ محمد طارق کي بيگناهه قتل ڪيو هو، جنهن جو قتل ڪيس سوڀوديرو ٿاڻي تي الاهي بخش ۽ احمد ناريجو خلاف داخل آهي، هن چيو ته ڪافي عرصي کان وٺي مون کي ڌمڪيون ملنديون هيون ته قتل ڪيس تان هٿ کڻ، ٻي صورت ۾ توکي به مارينداسين، هن چيو ته شاهنواز هيپاٽائٽس سي جو مريض هو ۽ لاڙڪاڻو اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، سندس وارث ڊرامو ڪري بيگناهه اسان مٿان الزام هڻي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائڻ جي سازش ڪري رهيا آهن.