|
روزانه ڪاوش |
|
ٺري ميرواهه لڳ ناري کي ور ۽ ڏيرن مبينا طور تشدد بعد زهر پياري ماري ڇڏيو،مڙس گرفتار ٺري ميرواهه (ن ڪ) ٺري ميرواهه لڳ ناري کي تشدد بعد مبينا طور زهر پياري قتل ڪيو ويو، ناري جي مڙس ۽ ڏيرن تي قتل ڪيس داخل، هڪ گرفتار، ڳوٺ جلال الدين شر ۾ مسمات نظيران کي سندس مڙس امداد شر ۽ ڏيرن مبينا مارڪٽ ڪرڻ بعد زهر پياري ڇڏيو، جنهن کي بيهوش حالت ۾ هڪ خانگي اسپتال ۾ آندو ويو جتي هوءَ فوت ٿي وئي، اسپتال ۾ موجود فوتڻ جي ڀائرن محمد بچل ۽ امام علي شر صحافين آڏو پنهنجي ڀيڻوئي امداد شر ۽ سندس ڀائرن تي الزام هنيو ته هنن سندن ڀيڻ کي تشدد ڪرڻ بعد زهر پياري آپگهات جو ڊرامو رچايو آهي، هنن ٻڌايو ته امداد جون 2 شاديون ٿيل آهن ۽ هو نظيران تي گهر ۾ تشدد ڪندو هو، فوتڻ جي ڀائرن پاران الزام هڻڻ بعد پوليس مڙهه کي رورل هيلٿ سينٽر آڻي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ۽ امام علي شر جي فرياد تي ٺري ميرواهه پوليس فوتڻ جي مڙس امداد ۽ ڏيرن علي حيدر، علي عباس ۽ اسد شر مٿان قتل جو ڪيس داخل ڪري ناري جي مڙس کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن لاڪپ ۾ڳالهائيندي چيو ته سندس زال گهريلو تڪرار تان زهريلي دوا پي خودڪشي ڪئي آهي.
|