|
روزانه ڪاوش |
|
ٽنڊي آدم لڳ جوابدارن نوجوان کي بس مان لاهي قتل ڪري ڇڏيو ٽنڊوآدم (ن ڪ) ٽنڊوآدم لڳ 3 جوابدارن پراڻي تڪرار تان نوجوان کي بس مان لاهي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار هٿيارن سميت گرفتار، ٽنڊوآدم -ٽنڊوالهيار روڊ تي قيصر گهوٽ بس اسٽاپ وٽ تاڙ ۾ ويٺل 3 جوابدارن بس ذريعي ٽنڊوآدم ايندڙ 30 سالن جي نوجوان پرور ڏني جتوئي جي سڃاڻپ ڪرڻ کانپوءِ کيس بس مان زوري لاهي مٿس پستول جا فائر ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو ۽ سندس مرڻ جي پڪ ڪري نعرا هڻندا فرار ٿي ويا، مقتول نوجوان جو لاش اڌ ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت روڊ تي پيل رهيو، اطلاع تي ٽنڊوآدم پوليس لاش کي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال پهچايو، مقتول جي وارثن توڙي پوليس پاران ڏنل ڄاڻ موجب ته مقتول ۽ جوابدار لکي غلام شاهه جي ڳوٺ تڙت جا رهواسي آهن ۽ سندن وچ ۾ گذريل ڪيتري عرصي کان سڱاوتي تڪرار هلندڙ آهي ۽ جنهن ۾ ڌرين جا 11 کان وڌيڪ ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن، مقتول نوجوان جي ڌر هڪ سال اڳ ۾ تعلقي جهنڊو مري جي ڳوٺ وينگس جتوئي ۾ لڏي اچي آباد ٿيا هئا، مقتول نوجوان 5 ٻارڙن جو پيءُ هو، پوليس مقتول جي امڙ مسمات ڀاڳل جي فرياد تي ٽن جوابدارن شاهه ڏنو جتوئي، عنايت الله جتوئي ۽ امام الدين جتوئي تي ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي ڳوٺ غازي خان ڪاتيار وٽان گرفتار ڪري واردات ۾ استعمال ٿيل پستول هٿ ڪري ورتا.
|