|
روزانه ڪاوش |
|
مديجي لڳ ڳوٺاڻي جي اغوا جو ڪيس داخل،ڌاڙيلن پاران ڀنگ طلب مديجي (ن ڪ) مديجي ڀرسان ڳوٺ پيربخش بروهي مان اغوا ٿيل ڳوٺاڻي فيض محمد بروهي جي اغوا جو ڪيس سندس ڀاءُ ڪريمداد بروهي پاران 15 ڏينهن گذرڻ بعد ڪالهه بدنام ڌاڙيل نظام الدين عرف نظو ککراڻي سميت 8 نامعلوم ڌاڙيلن خلاف داخل ڪرايو ويو آهي، ٻئي طرف مديجي پوليس پاران ڳوٺ ترائي ابڙو جي رهواسي غلام سرور خاصخيلي کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪري ٻه ڏينهن ٿاڻي تي رکڻ کانپوءِ ڏيتي ليتي جي بنياد تي آزاد ڪيو ويو آهي، هوڏانهن مغوي جي وارثن توڙي بروهي برادري پاران احتجاجي سلسلو هلندڙ آهي، ان سلسلي ۾ مغوي جي ڀائرن ڪريمداد ، محمد رمضان ۽ ٻين ميڊيا وارن اڳيان دانهيو آهي ته فيض محمد جي اغوا ۾ رهزن ڌاڙيل نظو ککراڻي ۽ سندس ٽولو ملوث آهي، جيڪي موبائيل فون تي ڀنگ طلبي رهيا آهن، هنن چيو ته مغوي غريب پورهيت آهي، جنهن جو ڀنگ نه ڀرينداسين، هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ٻن ڏينهن اندر مغوي بازياب نه ٿيو ته سڄي ضلعي اندر احتجاج شروع ڪيو ويندو. |