ڀلي ميڊيا ٽرائل ٿئي، عوام کي اسان جي ڪردار تي شڪ نه ڪرڻ کپي:فضل الرحمان

سکر (بيورو رپورٽ) جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان ميڊيا سان مهاڏو اٽڪائڻ نٿا چاهيون پر ميڊيا جي آزادي تي يقين رکون ٿا پر ان ڳالهه تي افسوس آهي ته بغير ڇنڊ ڇاڻ ۽ ثبوت جي اسان جي ميڊيا ٽرائل ڪيو پيو وڃي، عوام کي اسان جي ڪردار بابت ڪوبه شڪ نه ڪرڻ گهرجي، ڪالهه آباد لاکا ۾ جي يو آءِ ضلعي سکر، گهوٽڪي ۽ شڪارپور جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي ميڙاڪي کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي هن چيو ته اسان ڪنهن به بليڪ ميلنگ يا لالچ ۾ اچي غير اسلامي حڪمن کي تسليم نه ڪنداسين، آمريڪا خلاف اسان جو جهاد جاري رهندو، ميڙاڪي کي مولانا عبدالحق مهر، حافظ غلام مصطفيٰ سومرو، مولانا عبيدالله ڀٽو، مولانا محمد مراد هاليجوي ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.