|
ميرپورخاص جي آءِ بي اي پاس
اميدوارن کي جلد آفر آرڊر ملندا:پير مظهر
ميرپورخاص
(بيورو رپورٽ) سينيئر صوبائي وزير تعليم پير مظهرالحق چيو آهي
ته ميرپورخاص ضلعي جي آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ ماسترن کي جلد
آفر ليٽر ڏنا ويندا، ميرپورخاص جي نجي دوري دوران صحافين سان
ڳالهائيندي صوبائي وزير چيو ته پيپلز پارٽي حڪومت غريبن کي
دربدر نه ڪندي پر کين حق مطابق روزگار ڏيندي، هن چيو ته جن
ضلعن ۾ آءِ بي اي جي ٽيسٽ اميدوارن پاس ڪئي ۽ جايون نه آهن،
انهن ضلعن جي اسڪولن کي نظر ۾ رکي وڌيڪ جاين جي ايس اين اي جي
سمري تيار ڪري وڏي وزير کي موڪلي وئي آهي، صوبائي وزير چيو ته
نوجوان مايوس نه ٿين، سندن مسئلا جلد حل ڪيا ويندا، ان موقعي
تي پير مظهرالحق سينيئر صحافي دوست علي ڀٽي جي وفات تي سندس
گهر وڃي علي جان ڀٽي سان تعزيت جو اظهار ڪيو.
|