|

زاهد نون
پ پ طرفان شڪارپور ضلعي جون انتظامي واڳون ڄڻ ته مڪاني ادارن
جي صوبائي وزير آغا سراج خان دراني جي ننڍي ڀاءُ آغا مسيح
الدين دراني سنڀالي ورتيون آهن، هر حڪمران سڌي يا اڻ سڌي ريت
آفيسرن ۾ مداخلت ڪندا رهندا آهن، جڏهن شڪارپور ڊي سي او
سيڪريٽريٽ ۾ صوبائي وزير جي ننڍي ڀاءُ آغا مسيع الدين دراني
اعليٰ سطحي آفيسرن جي گڏجاڻي ڪئي ته گڏجاڻي ۾ ڊي سي او علي
اڪبر هنڱورو سميت اهم محڪمن تعليم، صحت، فنانس، زراعت، ورڪس
اينڊ سروسز جي اي ڊي اوز کان علاوه ننڍن وڏن آفيسرن شرڪت ڪئي،
گڏجاڻي ته تعارفي هئي جنهن ۾ ڊي سي او آغا مسيح الدين دراني جو
تعارف ڪو به قانوني حيثيت سان عهدو ٻڌائڻ بغير صوبائي وزير جي
ڀاءُ طور ڪرايو ۽ صوبائي وزير جي ڀاءُ آفيسرن سان تعارفي
گڏجاڻي کان پوءِ ضلعي جي وهنوار بابت حال احوال ورتا، ٿيو ائين
جو ضلعي اندر هلندڙ ترقياتي ڪمن جي اسڪيمن روڊ، بلڊنگ، اسڪول،
سميت ترقياتي مد ۾ جيڪي به اسڪيمون اچي وڃن ٿيون ان جا انگ اکر،
انهن تي مليل فنڊ ۽ ٿيل ڪم جو ڪاٿو معلوم ڪيو ويو، صرف ڪاٿو
معلوم نه ڪيو پر آفيسر کان لکت ۾ معلومات ورتي، سڀ کان وڌيڪ ان
وقت تلخي ٿي جڏهن صوبائي وزير جي ڀاءُ آفيسرن کان نگران دؤر ۾
ڀرتي ٿيل پٽيوالن، چؤڪيدارن سميت لؤئر اسٽاف بابت معلومات ورتي
ته ان جي خيال موجب آفيسرن غلط انگ اکر ٻڌايا جن جو ڪاٿو 6 سؤ
جي لڳ ڀڳ ٻڌايو وڃي ٿو ۽ سڀ کان وڌيڪ ڀرتيون 5 سؤ صرف تعليم
کاتي ۾ ٻڌايون ويون، اهڙي معلومات ملڻ تي صوبائي وزير جو ڀاءُ
آفيسرن کان مطمعن نه ٿيو جنهن تي ڊي سي او اي ڊي تعليم کي ڇنڊ
پٽي ۽ چيو ته تون غلط بياني ڪرين ٿو توهان هزارن جي تعداد ۾
آفر آرڊر جاري ڪيا آهن ۽ اسان کي 5 سؤ بابت معلومات ڏين ٿو،
هونءَ ته ڊي سي او صوبائي وزير جي ڀاءُ کي خاطري ڪرائي ته
حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ مان اڪائونٽ آفيس (ٽريزري) وارن کان
حقيقي انگ اکر، کنيل پگهار ۽ ملازمن جو تعداد ڏينهن ٻن ۾ ڏيندس
جنهن کان پوءِ توهان آڏو حقيقي رپورٽ سامهون اچي ويندي، ٿيل
گڏجاڻي ۾ آفيسرن تي سڀ کان وڌيڪ ناراضگي ايڊوانس ۾ ڏنل بلن
بابت ٿي ڇو ته رڪارڊ شاهد آهي ته ڊي سي او سيڪريٽريٽ ۾ آفيسرن
لاءِ جڙندڙ نئين سيڪريٽريٽ جنهن ۾ 40، 50 لک جي لڳ ڀڳ ايڊوانس
پئمنٽ ٿيل آهي ۽ ڪم ان جي برعڪس تمام گهڻو گهٽ آهي، صوبائي
وزير جي ڀاءُ کي ته ايڊوانس ۾ ادائيگي جو شڪ ضلعي ناظم جي
آبائي ڳوٺ وزيرآباد ۽ اڳوڻي صوبائي صلاحڪار ذوالفقار ڪماريو جي
ڳوٺ مدئجي لڳ جڙندڙ اسٽيڊيم بابت به آهي جنهن واسطي هن سڌي ريت
آفيسرن کي چيو ته جيڪي به ايڊوانس ۾ ادائيگيون ڪيون ويون آهن
تن جا ڪم فوري طور تي مڪمل ڪرايو نه ته ٻي صورت ۾ هفتي اندر
صوبائي وزير آغا سراج هفتي اندر دورا ڪندو، صوبائي وزير جي
ڀاءُ طرفان اهڙيون هدايتون ڏيڻ کان پوءِ آفيسرن ۾ ٿرٿلو متل
آهي. ڪجهه آفيسر ته هونءَ ئي پ پ حڪومت اچڻ کان پوءِ ڪنڊائتا
ويٺل آهن، جن کي هاڻي اهو به خوف آهي ته سنهين سڪين ٿيل
ڪوتاهين جي سزا ڳري ملي سگهي ٿي. پرائيويٽ شخصيت طرفان ضلعي جي
وهنوار ۾ اهڙي مداخلت ته ضلعي ناظم محمد عارف خان مهر کي به نه
وڻي جنهن ڊي سي او کان اهڙي گڏجاڻي بابت معلومات ورتي، ڊي سي
او ضلعي ناظم کي ڇا ورندي ڏني اهو ته سامهون نه اچي سگهيو آهي
پر ضلعي ناظم محمد عارف خان مهر پنهنجي انهيءَ گڏجاڻي تي سخت
ناراض هو، ضلعي ناظم ڳالهائيندي چيو ته اهو طريقي ڪار غلط آهي
ته صوبائي وزير جو ڀاءُ گڏجاڻي ڪري، صوبائي وزير آغا سراج خان
دراني پاڻ ته ضلعي حڪومتن تي ڪرپشن جا الزام هڻي ٿو پر سندس
ڀاءُ ان آفيشلي طور تي آفيسرن سان گڏجاڻي انهن جي مٿان مسلط
ڪرڻ ڇا ٿو ظاهر ڪري؟ هن چيو ته اهو اخلاقن به صحيح نه آهي ته
پرائيويٽ ماڻهو آفيسرن کي هدايتون ڏي، هن چيو ته مان پنهنجي
ضلعي اندر اهڙي مداخلت برداشت نه ڪندس جنهن لاءِ صدر پرويز
مشرف ۽ وزيراعليٰ سنڌ قائم علي شاهه کي لکت ۾ آگاهي ڏيڻ کان
پوءِ قانوني رستو اختيار ڪندس، هن چيو ته اسان جاچ کان نه ٿا
ڊڄون، هٿ صاف آهن پر پ پ وارا انتقامي ڪاروائي ڪندي سينئر
آفيسرن جي جاءِ تي جونيئر آفيسر مقرر ڪري ذاتيات تي انتقام وٺي
رهيا آهن، ضلعي ناظم ته اهو به چيو ته ناظمي سسٽم غير سياسي
آهي پر موجوده حڪمران ان کي سياسي بڻائيندي رڪاوٽون پيدا ڪري
رهيا آهن جنهن سان سڌو سنئون نقصان عوام جو ٿيندو، هن چيو ته
صوبائي وزير جي ڀاءُ طرفان غيرقانوني طور آفيسرن سان ميٽنگ
خلاف قانوني حق محفوظ رکان ٿو ۽ استعمال ڪندس، جيتوڻيڪ ڊي سي
او سيڪريٽريٽ ۾ ٿيل گڏجاڻي ۾ انفارميشن آفيسر سميت ڪنهن به
صحافي کي نه ٻڌايو ويو هو پر ضلعي اندر پ پ حڪومت جڙڻ کان پوءِ
آفيسرن جي اعليٰ سطحي گڏجاڻي لڪي نه پئي سگهي، ان گڏجاڻي بابت
جڏهن ڊي سي او شڪارپور علي اڪبر هنگورو کان معلومات ورتي وئي
ته هن چيو ته صوبائي وزير آغا سراج خان دراني جي آفيسرن سان
گڏجاڻي رٿيل هئي جنهن جي نه اچڻ ڪري سندس جي ڀاءُ آغا مسيع
الدين آفيسرن سان تعارفي گڏجاڻي ڪئي، هن چيو ته گڏجاڻي کي
پرزائيڊ مون ڪيو هو ۽ آفيسرن کان معلومات وٺڻ کان پوءِ هلندڙ
اسڪيمن، پوري ٿيل اسڪيمن، رهيل ڪمن ۽ مختلف محڪمن ۾ نگران
حڪومت دوران ڀرتي ڪيل ملازمن ۽ خالي ڪيل جاين بابت انگ ڏياري
موڪليا اٿم، هن چيو ته اهڙي گڏجاڻي کي غلط رنگ نه ڏنو وڃي، ان
سلسلي ۾ صوبائي وزير جي ننڍي ڀاءُ آغا مسيع الدين دراني سان
رابطو ڪيو جنهن ٻڌايو ته گڏجاڻي صرف تعارفي هئي ان کي پرزائيڊ
ڊي سي او ڪيو،هن چيو ته صوبائي وزير جي چوڻ تي مون آفيسرن جي
گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪيم ۽ مليل معلومات صوبائي وزير تائين پهچايم.
ملڪ اندر حڪومت ته تبديل ٿي آهي پر شڪارپور ضلعي اندر چند ننڍن
آفيسرن کان سواءِ ضلعي سطع تي اڳوڻي ۽ نگران حڪومت جا ڊي سي
او، ڊي پي او ۽ اي ڊي اوز سميت تمام گهڻا آفيسر ويٺل آهن انهن
جي بدلي ڪڏهن ٿئي ٿي، ڪير اچن ٿا اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو پر
هتي اهي چؤٻول هلي رهيا آهن ته ضلعي جا انتظامي اختيار صوبائي
وزير آغا سراج خان دراني جي حوالي آهن جيڪو پنهنجي طريقي سان
مانيٽر ڪندو، هاڻي اهو وهنوار ڪيئن هلي ٿو ،اهو وقت ئي
ٻڌائيندو.
|