|
روزانه ڪاوش |
|
آسٽريليا،انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ جي بورڊن سيڪيورٽي ماهر پاڪستان موڪلي ڇڏيو ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ٿيندڙ چيمپئنز ٽرافي لاءِ سيڪيورٽي جي جائزي لاءِ آسٽريليا، انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ بورڊز هڪ سيڪيورٽي ماهر کي پاڪستان موڪلي ڇڏيو آهي، جنهن ڪالهه ڪراچي ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي عملدارن ۽ سيڪيورٽي ماهرن سان ملاقات ڪئي آهي، موڪليل آسٽريلوي سيڪيورٽي ماهر ريگ ڊڪسن ڪالهه ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي عملدارن ۽ آءِ سي سي جي سيڪيورٽي ماهرن سان ملاقات ڪئي آهي، جڏهن ته اڃا وڌيڪ گڏجاڻيون رهيل آهن، هن چيو ته چيمپئنز ٽرافي ۾ اڃا 2 مهينن جو وقت آهي، جڏهن ته پاڪستان کي چيمپئنز ٽرافي جي حوالي سان سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪرڻي پوندي، واضح رهي ته گذريل سال کان پاڪستان آپگهاتي ڌماڪن جو شڪار رهيو آهي پر نئين حڪومت اچڻ کانپوءِ حالتون بهتر ٿي رهيون آهن، جڏهن ته چيمپئنز ٽرافي پاڪستان ۾ ٿيڻ بابت اڃا حتمي فيصلو به ناهي ٿي سگهيو، آچر تي دبئي ۾ آءِ سي سي جي سالياني گڏجاڻي ۾ چيمپئنز ٽرافي پاڪستان ۾ ٿيڻ يا نه ٿيڻ بابت حتمي فيصلو ڪيو ويندو، ڇو ته آسٽريليا، انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ جا رانديگر پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جي حوالي سان ڳڻتي جو شڪار آهن، ريگ ڊڪسن 2 هفتن ۾ رپورٽون ٽنهي ملڪن جي بورڊن کي ڏئي ڇڏيندو.
|