|
روزانه ڪاوش |
|
سريلنڪا ۽ ڀارت وچ ۾ اڄ کان گالي ۾ ٻي ٽيسٽ کيڏي ويندي گالي (اسپورٽس ڊيسڪ) سريلنڪا ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ هلندڙ ٽيسٽ سيريز جي ٻي ٽيسٽ ميچ اڄ کان گالي ۾ کيڏي ويندي، واضح رهي ته پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ سريلنڪا ڀارت کي هر شعبي ۾ آئوٽ ڪلاس ڪري کيس اننگز ۽ 239 رنسن تان شڪست ڏني هئي، جنهن بعد ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم ڪم بيڪ ڪندي سيريز کٽڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي، جنهن جي جواب ۾ سريلنڪن ڪپتان مهيلا جئه ورڌني چيو ته سندس ٽيم بهتر نموني تيار آهي، هن چيو ته مون کي يقين آهي ته پهرين ميچ ۾ شڪست بعد ڀارتي رانديگر مايوس هوندا ۽ اها به خبر آهي ته ڀارتي ٽيم ڪيتري مضبوط آهي، ان ڪري هو ڪڏهن به مضبوط ثابت ٿي سگهن ٿا، جنهن لاءِ اسان اڳ ۾ ئي تياري ڪري ورتي آهي، واضح رهي ته سريلنڪا جي جادوگر اسپنر مرلي ڌرن ۽ اجنٿا مينڊس گڏجي ڀارت خلاف پهرين ٽيسٽ ۾ 19 وڪيٽون ورتيون هيون، جئه ورڌني انهن بابت چيو ته اسپنر سڀاڻي کان شروع ٿيندڙ ميچ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندا ۽ جيڪڏهن چمندا واس به فارم ۾ اچي ويو ته وڌيڪ مزو ايندو، هن چيو ته اجنٿا مينڊس بهترين بالرآهي، هن پنهنجي پهرين ٽيسٽ ۾ ئي 8 وڪيٽون ورتيون هيون، کيس مڪمل آزادي ڏني وئي آهي، جئه ورڌني چيو ته اسين ڀارت خلاف ٽيسٽ سيريز کٽڻ جي ڪوشش ڪنداسين، هوڏانهن ڀارتي ڪپتان انيل ڪمبلي چيو آهي ته اسين ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
|