روزانه ڪاوش

آسٽريليا پاڪستان کانپوءِ ڀارت ۾ به ڪرڪيٽ ٽيم موڪلڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي

ميلبورن (اسپورٽس ڊيسڪ) آسٽريليا کي پاڪستان کانپوءِ هاڻي ڀارت ۾ ڪرڪيٽ ٽيم موڪلڻ بابت ڳڻتيون ورائي ويون آهن، رپورٽ موجب ڀارتي شهرن بينگلور ۽ احمد آباد ۾ سيريز بم ڌماڪن کانپوءِ آسٽريليا هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ ٽيسٽ سيريز کيڏڻ کان اڳ ڀارت ۾ سيڪيورٽي  جي جائزي لاءِ ماهرن  جي ٽيم موڪليندو، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ به بينگلور ۾ کيڏي ويندي، آسٽريليا ڪرڪيٽ بورڊ جي عهديدارن پيٽرينگ چيو ته اسين دوري کان اڳ سيڪيورٽي جو جائزو وٺنداسين، ٻئي طرف جئه پور ۾ آءِ پي ايل دوران ڌماڪي ٿيڻ باوجود آسٽريلوي ڪرڪيٽرن اتي ميچ کيڏي هئي پر پاڪستان اچڻ کان انڪار ڪرڻ تي مٿن تنقيد ڪئي وئي هئي، جنهن جي جواب ۾ آسٽريلوي ڪرڪيٽرز ايسوسيئيشن جي چيف ايگزيڪيوٽو ٽم جي چيو آهي ته جئه پور ڌماڪي کي پاڪستان جي صوتحال سان نه ملايو وڃي، پاڪستان ۾ گذريل 12 مهينن دوران 66 آپگهاتي ڌماڪا ٿيا آهن، جن ۾ 3 هزار کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا آهن جڏهن ته انهن مان 17 ڌماڪا انهن شهرن ۾ ٿيا آهن، جن ۾ چيمپئنز ٽرافي جون ميچون کيڏيون وينديون.