|
روزانه ڪاوش |
|
بيجنگ اولمپڪس جي تياري لاءِ قومي هاڪي ٽيم جي تربيتي ڪئمپ سڀاڻي کان شروع ٿيندي لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) چين ۾ 8 آگسٽ کان شروع ٿيندڙ بيجنگ اولمپڪس جي تياري لاءِ پاڪستان هاڪي ٽيم جو تربيتي ڪئمپ سڀاڻي کان لاهور ۾ شروع ٿيندو، پاڪستان هاڪي فيڊريشن ڪئمپ لاءِ 30 رانديگرن کي مدعو ڪيو آهي، پاڪستان ٽيم جو تربيتي ڪئمپ نيشنل هاڪي اسٽيڊيم لاهور ۾ لڳايو ويندو، جنهن ۾ رانديگر مئنيجر، هيڊ ڪوچ خواجا ذڪاءُ الدين ۽ ڪوچ نويد عالم جي نگراني ۾ ٽريننگ ڪندا. |