|

ذوالفقار
علي لاکو
بينگلور ۾ سڀ کان وڏي ۽ مهانگي ڪرڪيٽ ليگ انڊين پريميئر ليگ جو
ميلو اڄ کان شروع ٿي رهيو آهي، انڊين پريميئر ليگ جي افتتاحي
تقريب به اڄ شام بينگلور ۾ ٿيندي، جنهن بعد افتتاحي مئچ به اڄ
شام بينگلور ۾ ٿيندي، افتتاحي مئچ ٻن ٽيمن بينگلور رائل
چئلينجرز ۽ ڪولڪتا نائيٽ رائيڊزر وچ ۾ کيڏي ويندي. افتتاحي مئچ
هجڻ ڪري اها مئچ اهميت واري آهي پر ان مئچ ۾ هڪ ٻي اهم ڳالهه
اها آهي ته ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جا 2 اڳوڻا ڪپتان راهول ڊريوڊ ۽
ساروو گنگولي پنهنجين ٽيمن سان گڏ هڪ ٻئي سامهون ميدان تي
لهندا. راهول ڊريوڊ جي قيادت ۾ بينگلور رائل چئلينجزر ٽيم
گنگولي جي ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز ٽيم جي پنهنجي شهر ۾ ميزباني
ڪندي، مئچ پاڪستاني وقت مطابق شام ساڍي 7 وڳي بينگلور جي
اسٽيڊيم ۾ موجود 55 هزار کان وڌيڪ تماشائين جي سامهون شروع
ٿيندي. انڊين پريميئر ليگ جي عرب پتي واري ان پهرين ٽوئنٽي -20
ٽورنامينٽ ۾ 8 ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن، جن ۾ سڄي دنيا جا
اسٽار رانديگر بريٽ لي، سناٿ جئه سوريا، اسٽيفن فليمنگ، رڪي
پونٽنگ، هرشل گبز، يوراج سنگهه، مهيندرا سنگهه ڌوني، شعيب ملڪ،
شاهد آفريدي، رڪي پونٽنگ ۽ ٻيا رانديگر ايڪشن ۾ نظر ايندا.
ڀارت جي ڪرڪيٽ جي جنوني شوقينن سميت سڄي دنيا جا ڪرڪيٽ شوقين
ان انڊين پريميئرنگ ليگ جي بخار ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. ڀارتي
تماشائي ان ليگ کي ڏسڻ لاءِ ان ڪري ته چريا ٿي ويا آهن جو هڪ
ته سندن اسٽار رانديگر به مختلف ٽيمن ۾ پاڻ ۾ مقابلا ڪندا ۽
ٻيو وري گذريل سال سيپٽمبر ۾ ڀارتي ٽيم ٽوئنٽي-20 ورلڊ ڪپ کٽي
چئمپين بڻيل آهي. 45 ڏينهن هلندڙ ان ٽورنامينٽ ۾ 59 مئچون
کيڏيون وينديون. ٽورنامينٽ جو فائنل آچر پهرين جون تي کيڏيو
ويندو. ٽورنامينٽ لاءِ به حفاظتي انتظامن سميت سمورن انتظامن
کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. ٽورنامينٽ جي آرگنائيزرز جو چوڻ آهي
ته انڊين پريميئر ليگ جي رنگا رنگ افتتاحي تقريب کي ايترو
پرڪشش ڪرايو ويندو جو ڪرڪيٽ ۾ اهڙي تقريب اڄ کان پهرين نه ڏٺي
وئي هوندي، جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ پرفارمرز، آرٽسٽ ۽ بالي ووڊ جا
اداڪار ۽ اداڪارائون شريڪ ٿي چار چنڊ لڳائي ڇڏينديون. ڪولڪتا
ٽيم جو مالڪ شاهه رخ خان، موهالي ٽيم جي مالڪ پريٽي زنٽا، بالي
ووڊ جا ميوزڪ ڊائريڪٽرز شنڪر احسن ۽ ٻيا پرفارمنس ڏيندا، ان
ٽورنامينٽ ۾ بالي ووڊ جي اداڪاره قطرينا ڪيف پڻ شريڪ ٿيندي،
جيڪا وجي ماليا جي بينگلور ٽيم جي سپورٽ ڪندي. ٽورنامينٽ جي
آرگنائيزرز جو چوڻ آهي ته اسان افتتاحي تقريب ننڍي پرڪشش ڪرائڻ
چاهيون ٿا. ڏسندڙ حيران ٿي وڃن، افتتاحي تقريب کانپوءِ ڇڪن
چوڪن جو ميلو شروع ٿي ويندو. ان ليگ ۾ ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز ۽
بينگلور رائل چئلينجرز کان علاوه چنائي سپر ڪنگز، حيدرآباد دکن
چارجرز، دهلي ڊير ڊيولز، ڪنگ اليون پنجاب، ممبئي انڊين ۽
راجستان رائلز جون ٽيمون پڻ هڪ ٻئي سان مقابلا ڪنديون. راهول
ڊريوڊ، سچن ٽنڊلڪر، ساروو گنگولي ۽ يووراج سنگهه پنهنجن شهرن
جي ٽيمن جي قيادت ڪندا. مئچ ۾ هر ٽيم ۾ 8 انٽرنيشنل رانديگرن
کي شامل ڪرڻ جي اجازت هوندي، جڏهن ته نوجوان رانديگرن کي پڻ
موقعو فراهم ڪيو ويندو، جيڪي پڻ اسٽار رانديگرن جي وچ ۾ کيڏندا
۽ اهو به شرط رکيو ويو آهي ته ڪابه ٽيم ٻن آسٽريلوي رانديگرن
کان وڌيڪ آسٽريلوي رانديگرن کي نٿي کيڏائي سگهي. پاڪستاني
تڪراري فاسٽ بالر شعيب اختر پڻ شاهه رخ خان جي ڪولڪتا نائيٽ
رائيڊرز ٽيم م شامل آهي. پي سي بي مٿس پابندي لڳائي ڇڏي آهي،
جنهن بعد انڊين پريميئر ليگ به سندس ليگ ۾ شرڪت تي پابندي مڙهي
ڇڏي آهي پر شاهه رخ خان پراميد آهي ته دنيا جو تيز ترين فاسٽ
بالر شعيب اختر سندس ٽيم طرفان کيڏندو، شاهه رخ خان پنهنجي
تازي بيان ۾ چيو آهي ته کيس اميد آهي ته شعيب اختر اڄ ٿيندڙ
پهرين مئچ کيڏندو ۽ جيڪڏهن هو پهرين مئچ ۾ نه کيڏي سگهيو ۽ بعد
۾ آيو ته به کيس کيڏايو ويندو. انڊين پريميئر ليگ جي ان
ٽورنامينٽ کي هڪ طرف ته ڪرڪيٽ جي ترقي لاءِ فائديمند قرار ڏنو
پيو وڃي ته ٻئي طرف ڪيترن ئي اڳوڻن ڪرڪيٽرن جو خيال آهي ته ان
سان ڪرڪيٽ کي نقصان پهچندو. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان
وسيم اڪرم جو خيال آهي ته انڊين پريميئر ليگ ۾ رانديگرن کي
تمام گهڻا پئسا ڏنا پيا وڃن، ان ڪري ٿي سگهي ٿو ته اڳيان هلي
ڪرڪيٽ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کي پڇن به نه. هن چيو ته ٽوئنٽي -20
راند سان 50-50 اوورن واري ون ڊي ڪرڪيٽ جو مستقبل کي پڻ خطرو
آهي، ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ 500 کان وڌيڪ وڪيٽون وٺڻ واري رڪارڊ جي
مالڪ وسيم اڪرم چيو ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي ته نقصان نه رسندو پر
انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل کي ون ڊي ڪرڪيٽ کي بچائڻ لاءِ قدم
کڻڻا پوندا.
|